جاتي(ن پ ا)جاتي شهر جي گورنمينٽ مغلبين پرائمري اسڪول ڀرسان لاش هٿ آيو آهي، پيرسن جي لاش جو اطلاع ملڻ تي جاتي پوليس پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال پهچايو، جتي ڪيترن ڪلاڪن بعد لاش جي سڃاڻپ 52 سالا پيرسن امين پٽ مامون ملاح طور ٿي جنهن تعلق راشدي فارم ڀرسان ڳوٺ مامون ملاح جو رهواسي ٻدايو، جنهن بعد پيرس جي وارثن سان پوليس پاران رابطو ڪري لاش حوالي ڪيو ويو، لاش جي سڃاڻپ ڪندڙن پاران لاش جي سڃاڻپ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن بعد جاتي پوليس لاش لاوث ڄاڻائي ايڌي وارن جي حوالي ڪري ڇڏيو.