جاتي(ن پ ا)جاتي تعلقي سمورين شاخن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف زميندار ايڪشن فورم پاران عادل لغاري، غني ٿهيم، فداحسين راڄو، محمد خان ٿهيمور، شاهنواز جت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پوڇڙ جي آبادگارن ۽ ساحلي پٽي جي رهواسين حسيني چوڪ کان مدينا چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مين روڊ تي هڻي ويهي رهيا،ان موقعي تي اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته آبپاشي عملدارن پاران جاتي تعلقي شاخن جاتي مائينر،شيرخانه،گڏاپ،قيضي،ماليها شاخ،روڙو شاخ،ٽنگو مائينر سميت ٻين شاخن ۾ هٿرادو پاڻي جي کوٽ ڪري ساحلي پٽي جي هزارين خاندانن کي دربدر ڪري ڇڏيو آهي، رهواسين کي پيئڻ لاءِ پاڻي نٿو ملي رهواسي ڏورانهن علائقن ڏانهن پند ڪري پيئڻ کڏن ڌٻن ۽ کوهن جو گندو پاڻي پيئڻ لاءِ حاصل ڪن ٿا جڏهن جانور اڃ وگهي مرڻ لڳا آهن پاڻي جي کوٽ سبب ساحلي پٽي جي ڪيترن ڳوٺن مان سوين خاندان حيدرآباد، ڪينجهر، سانگهڙ، ڪراچي لڏپلاڻ ڪري ويا آهن جڏهن ته وديڪ لڏپلاڻ جاري آهي هنن وديڪ چيو شاخن جي پوڇڙ تائين پاڻي نه پهچڻ ڪري هزارين ايڪڙن تي بيٺل ساريال جو ٻيجهارو سڙي ويو آهي جنهن ڪري آبادگار واپارين جا قرضي ٿيڻ سبب زهني مريض بڻجي ويا آهن هنن چيو ته اسان واپارين کان وياج تي ٻج ڀاڻ کڻي ٻچن جي پيٽ گذر لاءِ ساريال جو فصل پوکيو آهي جيڪو آبپاشي کاتي جي عملدارن پاران پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪري اسان کي تباھ ڪيو پيو وڃي،هنن ٽن ڏينهن جو چتاءُ ڏيندي چيو ته ٽن ڏينهن اندر جاتي تعلقي سمورين شاخن ۾ پوڇڙ تائين پاڻي نه پهتو ته انجنيئر آبپاشي آفيس سجاول اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.