جاتي(ن پ ا) جاتي لڳ ڳوٺ حاجي موسيٰ ڀٽو ۾22 ورهين جي يتيم ۽گونگي نياڻي ش ڀ سان اجتماعي زيادتي واري ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ بعد عدالت مان فرار ٿيل جوابدار معشوق ڀٽو کي 2 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ھٿ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ٻئي طرف زيادتي جو شڪار بڻيل نياڻي ش ڀ جي وارث عبداللطيف ڀٽو فرار ٿيل جوابدار کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته يتيم گونگي نياڻي سان اجتماعي زيادتي ڪندڙن کي پوليس جي مدد حاصل آهي ۽ پوليس عدالت ۾ ضمانت رد ٿيڻ باوجود عدالت ۾ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بدران هٿ سان فرار ڪرايو آهي، جيڪا عدالتي حڪم جي خلاف ورزي آهي، پر فريادي طرفان پوليس ڪيس ۾ وڌيڪ جوابدارن جي  نشاندهي باوجود ڪوبه ماڻهو گرفتار نه ڪيو آهي ۽ ايس ايس پي سجاول اڳيان دانھون ڪري ٿڪجي پيا آهيون، جنهن کي به پوليس مڃڻ لاءِ تيار ناهي، ھنن چيو ته جوابدار معشوق جي ڪيل ڊي اين اي ٽيسٽ جي جزن کي وڏي رشوت عيوض پوليس تبديل ڪرايو آهي، ھن چيو ته نياڻي سان زيادتي جو ھتي انصاف ٿيندي نظر نه ٿو اچي، رب پاڪ ضرور انصاف ڪندو، ھوڏانھن ناري ش ڀ جي زيادتي ڪيس ۾ جوابدار معشوق ڀٽو جي ٽي ھفتا اڳ ڪرايل  ڊي اين اي ٽيسٽ جو نتيجو نگيٽو اچي ويو آهي.