جاتي(ن پ ا) جاتي ۾ ھلندڙ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ڪانٽي جا سخت مقابلا جاري (اي) ليول ۽ (بي) ليول جي چئين ٽيمن وچ ۾ ڪواٽر ۽ پري ڪواٽر جا ٽاڪڙا ٿيا جنهن ۾ جيئي ڀياڻي (اي) ليول ۽ جيئي لطيف (بي) ليول جون ٽيمون شاندار ڪارڪردگي سان سيمي فائينل ۾ پھچي ويون جيئي ڀياڻي جي دولت ڪمار 49 رنسن جي شاندار بلي بازي سان پنهنجي ٽيم کي سوڀارو ڪرايو ۽ جيئي لطيف جي علي 23 رنسن سان پنهنجي ٽيم کي سوڀارو ڪرايو ٻئي بلي باز ميچ جا ھيرو بڻجي ويا، خبر موجب الحاج مرحوم سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي ياد ۾ ھلندڙ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا مقابلا سورھين رات ۾ جاري رھيا پھريون ڪواٽر فائينل جيئي لطيف (بي) اليون ۽ راڄ ملڪ (بي) اليون وچ ۾ ٿيو جنهن ۾ راڄ ملڪ (بي) اليون پھرين بيٽنگ ڪندي 41 رنسن جو حدف ڏنو جوابي بيٽنگ ۾ جيئي لطيف (بي) اليون اسڪور کي پورو ڪري ميچ پنهنجي نالي ڪري سيمي فائينل لاء ڪوليفاء ڪري ورتو علي 23 رنسون ٺاھيون جنهن کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ٻيو پري ڪواٽر جيئي ڀياڻي (اي) اليون ۽ يو ڪي (اي) اليون وچ ۾ ٿيو جنهن ۾ يو ڪي (اي) اليون پھرين بيٽنگ ڪندي 72 رنسن جو حدف ڏنو جوابي بيٽنگ جيئي ڀياڻي (اي) اليون زبردست ڪٽڪو ڏيندي اسڪور کي پورو ڪري ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتو دولت ڪمار 49 رنسون ٺاھيون جنهن کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ٽيو پري ڪواٽر بخاري اليون (اي) ۽ سميجا اليون (اي) وچ ۾ ٿيو جنهن ۾ پھرين بيٽنگ ڪندي 81 رنسن جو حدف ڏنو جوابي بيٽنگ ۾ بخاري اليون (اي) آساني سان اسڪور کي پورو ڪري ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتو حسن شاھ 48 رنسون ٺاھيون جنهن کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو,چوٿون ڪواٽر فائينل جيئي ڀياڻي (اي) اليون ۽ بخاري (اي) اليون وچ ۾ ٿيو جنهن ۾ پھرين بيٽنگ ڪندي بخاري (اي) اليون 72 رنسن جو حدف ڏنو جوابي بيٽنگ ۾ جيئي ڀياڻي (اي) اليون اسڪور کي پورو ڪري ميچ پنهنجي نالي ڪري سيمي فائينل لاء ڪوليفاء ڪري ورتو اشوق ڪمار شاندار بيٽنگ ڪندي 41 رنسون ٺاھيون جنهن کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو ٻئي طرف نانيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي دلچسپ مقابلن کي ڏسڻ لاء گرائونڊ ۾ شائقين جو تعداد وڌڻ لڳو دلچسپ رائونڊن دوران گرائونڊ تماشائين جي تاڙين جي گوج سان سجي اٿيو.