جاتي(ن پ ا)جاتي ۾ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ دلچسپ دنگل جاري بخاري اليون جي شاندار ڪارڪردگي سان گرائونڊ تاڙين سان گونجي اٿيو,علي رضا جي ٻنهي ميچن ۾ شاندار بيٽنگ,ھيرو قرار بخاري اليون ٻنهي ميچن ۾ سوڀاري ھڪ ۾ عمرڪوٽ اليون به سوڀاري ٻئي ٽيمون ڪوليفاءِ ڪري اڳتي ڄار اليون ھلندڙ رائونڊ مان گھر ڀيڙي,خبر موجب الحاج مرحوم سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي ياد ۾ ھلندڙ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽيپ بال جا مقابلا يارھين رات ۾ دلچسپ ٿيا پھريون ميچ بخاري اليون ۽ عمرڪوٽ اليون وچ ۾ ٿيو جنهن ۾ پھرين بخاري اليون بيٽنگ ڪندي 113 اسڪور ڪيو علي رضا 53 رنسون ٺاھيون جنهن کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو جوابي بيٽنگ ۾ عمرڪوٽ اليون صرف 82 رنسون ٺاهي سگهي ميچ بخاري اليون پنهنجي نالي ڪري ورتو,ٻيو ميچ ڄار اليون ۽ عمرڪوٽ اليون وچ ۾ ٿيو جنهن ۾ پھرين بيٽنگ ڪندي عمرڪوٽ اليون 111 اسڪور ڪيو جنهن ۾ سلمان 82 رنسون ٺاھيون جنهن کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو جوابي بيٽنگ ۾ ڄار اليون 49 رنسن تي ڍير ٿي وئي عمرڪوٽ اليون ميدان ماري وئي,ٽيو ميچ ڄار اليون ۽ بخاري اليون وچ ۾ ٿيو جنهن ۾ پھرين بيٽنگ ڪندي بخاري اليون 119 رنسون ٺاھيون علي رضا 90 ٺاھيون جنهن کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو جواب ۾ ڄار اليون 87 رنسون ٺاهي سگهي ميچ عمرڪوٽ اليون پنهنجي نالي ڪري ورتو,ٻئي طرف جاتــــــــــي جھڙي پسمانده علائقي ۾ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ميلي نوجوانن ۾ اتساهه پيدا ڪري ڇڏيو آهي رات جي ٿڌڙين ھوائون ۾ ھلندڙ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شھرين ۽ علائقي واسين لاء تفريحي بڻجي ويو آهي.