جاتي(رپورٽ: اڪبر ٿهيم) جاتي ۾ سنڌ جي روحاني بزرگ شيخ سلامت عرف مگرڀين رح جو 844ع هون عرس مبارڪ عقيدت ۽ احترام سان شروع ٿي ويو آهي، عرس مبارڪ جي انوکي ۽ منفرد قديمي رسم ادا ڪرڻ لاءِ مزار کي سوين مڻ کير، پاڻي، گلاب جي پتين ۽ چن سان مٽڪا ڀري غسل ڪرايو ويو، ان دوران عقيدت مند هٿن ۾ کير ۽ پاڻي جا ڀريل مٽڪا هاري نعريٰ هڻندا رهيا، ان موقعي تي درگاهه جي گادي نشين پاڳارو طفيل احمد قريشي جي اڳواڻي ۾ درگاهه تي ٺهيل ٽينڪي کي کير سان ڀري اتان مخصوص دلن ۽ مٽڪن ۾ کير ڀري سڄي درگاهه کي وهنجاريو ويندو اهي، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل مريدن عقيدت مندن توڙي مريدن حصو وٺي مزار کي غسل ڏيڻ واري رسم ادا ڪئي، گادي نشين پاڳاري طفيل احمد قريشي مريدن، عقيدتمندن ۽ پانڌيئڙن اجتماعي دعا پڻ گهري، حق مرشد جا نعريٰ هنيا ويا.
9 صدين کان عشق ۽ عقيدي موجب عرس ملهائبو آهي: مريد
جاتي: عقيدت مندن ۽ مريدن خادم عادل لغاري، عبدالله کٽي، قاسم ترڪ، يوسف ميمڻ ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته شيخ سلامت عرف مگرڀين رح سان عشق ۽ عقيدو آهي، جنهن سبب سندن مريد مزار کي کير پاڻي گلاب جون پتيون ۽ چن سميت عطر مڪس ڪري غسل ڏئي کيس ڀيٽا پيش ڪن ٿا جڏهن ته اهيا رسم اڄ ڪلھه نه پر 9 سئو سال پراڻي آهي اهيا رسم هنڌ ۽ سنڌ سڏيو ويندو هيو ان دور کان هلندي پئي اچي جنهن کي اسان ڏاڏن بابن کان ڏسندا ۽ ملهائيندا پيا اچون.
ميلي ۾ بازارون سجي ويون، موت جا کوهه، سرڪس ۽ جهولا لڳي ويا
جاتي: درگاهه ڀرسان ميلا ڪاميٽي طرفان شاهي بازار ماراڙي ۽ مٺائي سميت خشڪ ميون جون بازارون ۽ ٻارڙن لاءِ جهولا سرڪس موت جا کوھه سميت ٻين تفريح سهولتون پڻ مهيا ڪيون ويون آهن.
مزار تي گادي نشين به ناهي ويندو، صرف ڏيئو ٻاريندڙ ئي اندر وڃي سگهي ٿو
جاتي: مريدن جو چوڻ آهي ته روحاني بزرگ شيخ سلامت عرف مگرڀين رح جي درگاهه اندر مزار واري ڪمري ۾ گادي نشين کي به اندر وڃڻ جي اجازت ناهي هوندي، اتي صرف ڏيئو ٻاريندڙ ئي داخل ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ به اصول قائم ٿيل آهن ته مزار تي ڏيئو کڻي وڃڻ کان پهريان چيلهه ۾ سنڌرو ٻڌندو، مٿي تي ٽوپي ۽ پٽڪو پهري پوءِ ڪنڌ جهڪائي اندر ويندو.
مزار تي پيل هزارين قديمي چادرون ڌوئڻ جي به منفرد رسم
جاتي: عرس مبارڪ جي ٻي وڏي رسم جنهن مزار اندر پيل قديمي چادرون جيڪي هزارن جي تعداد ۾ هونديون آهن انهن ڌوئڻ جي رسم پڻ ادا ڪئي ويندي جنهن ۾ به پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل پانڌيئڙا ۽ پاڙيسري ملڪ کان به مريد هتي اچي شرڪت ڪندا آهن،
ميلي جي هر روز ريليون ڪڍي چادرون چاڙهيون وڃن ٿيون
جاتي: ميلي جي شروعاتي ڏهاڙن کان آخري دمال تائين مختلف برادرين توڙي ٽيڪسي ڊرائيور ايسوسيئيشن، پورهيتن، درزين ۽ آٽوز شاپ ايسوسيئيشن سميت ٻين پاران روزانو شاندار ريليون ڪڍي مزار تي چادرون چاڙهيون وينديون آهن.