جاتي(ن پ ا) جاتي ڀرسان زال، پٽ ۽ ڀاءُ جي اغوا خلاف ماءُ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري موٽندڙ نوجوان آصف ٻارڻ جو مڙهه سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو آهي، آخري رسمن ۾ علائقي جي معزز شخصيتن، چڱن مڙسن، ڳوٺاڻن ۽ برادري جي ماڻهنج ڀرپور شرڪت ڪئي، جڏهن ته ٻارڻ آباد اسٽاپ تي واقعي خلاف ڪاروبار بند ڪري سوڳ ملهايو ويو، ٻئي طرف گرفتاري پيش ڪندڙ جوابدار محمد خان ٻارڻ جي نشاندهي تي پوليس اٽالن ڊي ايس پي قادر بخش خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ تي چڙهائي ڪري وڌيڪ 3 ڄڻن ابراهيم ٻارڻ، مير عمر ٻارڻ ۽ ابراهيم عرف جاکرو ٻارڻ کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پوليس موجب فريادي ڌر ڪيس داخل ڪرڻ ناهي پهتي، جيئن ئي فريادي پهچندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي مقتول جي والد الهبچايو ٻارڻ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڏيڍ سال اڳ منهنجي پٽ جوابدار جي ڀاڄائي صائمه سان عدالت ۾ پرڻو ڪيو هو، جنهن بعد جوابدار ڌر ناري صائمه، سندس 4 مهينن جي پٽ شير خان ۽ منهنجي پٽ قائم خان کي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو هو، جنهن خلاف آصف پريس ڪانفرنس ڪري واپس اچي رهيو هو ته کيس قتل ڪيو ويو، هن چيو ته منهنجي پٽ کي گل حسن ٻارڻ، ابوبڪر ٻارڻ ۽ ٻين جي چرچ تي محمد خان حملو گوليون هڻي قتل ڪيو آهي،