جاتي(ن پ ا) جاتي شهر ڀرسان ڳوٺ بچو گهنو جي پرائمري اسڪول ۾ استاد نه اچڻ ۽ بلڊنگ نه هجڻ سبب اسڪول جا پنجاهه کان وديڪ ٻار روزشاگرد  تعليم کان محروم بڻيل آهن، ڳوٺڻ محمد الرحيم گهنو،يار محمد گهنو،موسا گهنو ۽ اسماعيل گهنو جي اڳواڻي احتجاج ڪندي چيو آهي ته ڪيترن سالن کان پرائمري اسڪول بچو گهنو کليل آهي، هڪ استاد به مقرر ٿيل آهي، پر استاد گهر ويٺي پگهار کڻي رهيو آهي ۽ پنجاهه کان وديڪ ٻارن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي، ٻارڙا ڪتاب کڻي روز اسڪول اچن ٿا پر استاد نه هجڻ ۽ اسڪول جي ڇت نه هجڻ ڪري نٽهڻ اس ۾ ويهي پڙهڻ ٿا، هنن انتظاميان کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول بلڊنگ ڏئي مقرر استاد کي ڊيوٽي جو پابند بڻائي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مستقبل بچارو وڃي.