جاتي(ن پ ا)جاتي شهر ڀرسان قديمي ڳوٺ عبدالعزيز ٿهيم جي پرائمري اسڪول اڳيان بيٺل برسات جو ٻه کان ٽي فوٽ گندو پاڻي انتظاميا ڪڍي نه سگهي جنهن سبب اسڪول ۾ پڙهندڙ 40 کان وڌيڪ معصوم شاگرد تعليم کان محروم ٿيڻ لڳا آهن، ٻئي طرف ڳوٺاڻن صاحبڏنو ٿهيم، عرس ٿهيم، ميرو ملاح، آگيڏنو شاهه ۽ ٻين جو چوڻ آهي اسڪول اڳيان گندو پاڻي بيٺل آهي ۽ اسڪول بلڊنگ زبون هجڻ سبب اسڪول جا چاپڙ مڪمل ڪري رهيا آهن، اسڪول جي اڳيان ٻه کان ٽي فوٽ پاڻي بيٺل هجڻ ڪري ٻارن جي ٻڏڻ جو خطرو آهي، تنهن ڪري ٻار اسڪول نه پيا ڇڏيون ۽ ٻارن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي، هنن انتظاميا کان گهر ڪئي ته اسڪول اڳيان بيٺل برسات جو گندو پاڻي ڪڍرائي ڏنو وڃي ته جيئهن اسڪول اڳيان ٺهيل ڪچي ڇاپري هيٺان ٻار تعليم حاصل ڪري سگهن.