جاتي(ن پ ا)سنڌ ۾ امڪاني تيز طوفاني برساتن جي اڳڪٿي باوجود ضلعي انتظاميا توڙي ڊرينيج، ايريگيشن اختيارين برساتي پاڻي جو مين نيڪال نانگڻ ڍورو سم نالي جا ڪري پيل ڪپر ٻيهر تعمير ڪرائي نه سگهي، امڪاني سيلابي برساتن جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميا ڪي به اپاءُ نه ورتا نانگڻ ڍورو سم نالي جا ڪپر مڪمل طور ڪري وڃڻ ڪري سامونڊي ويرن جو پاڻي سم نالي ۾ اچڻ سبب يونين ڪائونسل شاهپور، مريد کوسو، بيگنا، مڙهو بلاخان، ڪوٺي ۽ ڪڙ ملڪ سميت ٻيا علائقا ۽ ڪيترائي ڳوٺ ۽ زرعي فصل ٻڏڻ جو خدشو آهي جڏهن سوين ڳوٺاڻا دربدر ٿيڻ سميت سندن نقصان جو خطرو آهي. جڏهن سم نانگڻ ڍورو آئوٽ فال ڊرين جا منڍ کان پوڇڙ تائين سم نالي ۾ سامونڊي ويرون وڌڻ سبب سم نالي جي ٻني ڪپرن جا پاسا ڪري وڃڻ سبب ٿرجي وئي آهي جنهن ڪري امڪاني برساتن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب سم نالي کي مختلف هنڌن تان گهارا پوڻ جو خدشو آهي، ٻئي طرف جاتي جي سياسي سماجي رهواسين توڙي آبادگارن اڳواڻن، عادل لغاري، اڪبر باکو، شير محمد ڪاتيار، شاهد ڏنو ميربحر، سنڌ حڪومت ضلعي انتظاميان کان گهر ڪئي آهي نانگڻ ڊور سم نالي سميت ٻين سم نالن جي کانٽي ڪرائي ڪپر مضبوط ڪري مالي نقصان کان بچايو وڃي.