جاتي(ن پ ا)سنڌ جي روحاني بزرگ شيخ سلامت عرف مگرڀين رح جو عرس مبارڪ زورو شور سان شروع ٿي ويو،عرس مبارڪ جي ٻي رسم مزارن تي پيل لکين چادرون ڌوئڻ واري رسم ادا ڪئي وئي جنهن ۾ درگاه جي گادي نشين پڳارو طفيل احمد قريشي جي اڳواڻي ۾ هزارين مريدن عقيدت مندن شيخ سلامت عرف مگرڀين سميت سندس خاندان جي بزرگن جي مزارن تي پيل قديمي پراڻين چادرن کي دوئڻ لاءِ مزار مان چادرون ڪڊي هزارين مريدن مٿي تي رکي گادي نشين پاڳارو طفيل احمد قريشي جي اڳواڻي ۾ ريلي جي صورت ۾ کڻي درگاه ڀرسان مين پنڃاري پهچائيون ويون جتي درگاه خادمن ۽ مريدن پنهنجو پاسيل باسون پوريون ڪرڻ لاءِ لکين چادرون ڌوئڻ لاءِ حصو ورتو جنهن بعد سڄو ڏينهن درگاهه جي نگارن ۽ تبلن جي گهونج ۾ مريدن بيڄ ڀياڻي، جئي ڀياڻي سوني نيل وارا جا نعر هڻندي لکين چادرون ڌوئي واپس سڳئي طريقي سان پنڃاري کان هزارين مريدن گادي نشين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي درگاهه مگرڀين رح ۽ سندن خاندان جي مزارن تي چادرون چاڙهي رسم کي ادا ڪئي.