جاتي(ن پ ا) ڪجھه ڏينهن اڳ جاتي سجاول روڊ بيگناه اسٽاپ ڀرسان قائيم ساريال جي ڪارخاني ۾ مبينا طور گولي هڻي قتل ڪيل نوجوان مرتضيٰ سمون جو جاتي ٿاڻي تي مقتول جي ڀاءُ دستگير سمون جي فرياد تي ٻن ڄڻن دليپ ڪمار ٺاڪر ۽ مل جي چوڪيدار ميهار جت تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جاتي پوليس موجب قتل الزام ۾ آيل ٻئي جوابدار واقعي واري رات کان گرفتار ٿيل آهن، جن کي ڪيس ۾ قاتل ڄاڻايو ويو آهي