نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جو سيڪريٽري جي شاهه انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جو چيئرمين چونڊجي ويو. ڀارتي ميڊيا موجب جي شاهه اڱاري تي بنا مقابلي آءِ سي سي جو چيئرمين چونڊجي ويو، هو سڀ کان ننڍي عمر ۾ آءِ سي سي چيئرمين بڻيو آهي.35 ورهين جو جي شاهه 2019 کان بي سي سي آءِ جي اعزازي سيڪريٽري ۽ 2021 کان ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي.