قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ويجھو ڳوٺ ھاشم راھو مان 8 مھينا اڳ مبينا طور اغوا ٿيل ناري ثناءَ راھو جي بازيابي لاءِ وارثن 13هين ڏينهن به قاضي احمد ٿاڻي جي مين گيٽ اڳيان احتجاج جاري رکيو، ناري جي وارثن امجد راھو، رضا محمد راهو، سونھن راھو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي مظاھرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي، وارثن جو چوڻ هو ته جيسيتائين ناري ثناءَ راھو بازياب ٿي هتي نه پهچندي، احتجاج جاري رھندو، هنن چيو ته گھوٽڪي پوليس ۽ شھيد بينظيرآباد پوليس ثناءَ راهو کي آزاد ڪرائي.