نواب شاهه (رپورتر) سنڌي ادبي سنگت شاخ نوابشاھ پاران نالي واري شاعرهه ڊاڪٽر ثمينا واحد سان مڃتا رھاڻ رچائي وئي ۽ سندس ٻن ڪتابن ٻرندڙ لفظ ۽ مين سرگوشي عشق هون جي مھورت ڪئي وئي، تقريب ۾ تاج جويو، خالدهه منير، بخشل باغي، وسيم سومرو، ستار سندر، امداد رند، منور سراج، علي نواز ڏاھري، انيلا رفيق ملاح ۽ ٻين شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي مھمانن چيو ته ڊاڪٽر ثمينا واحد سٺي شاعرهه سان گڏ خوش مزاج طبيعت جي مالڪ آهي، شاعري ۽ ڪچهري ۾ سندس اندر جي اٿاھ اڪيلائي جو اظھار لڪائي ناهي سگھندي، ھنن چيو ته جمھوريت ۽ قومي حقن لاءِ سندس گهر ڀاتين جي جدوجهد ۽ قرباني جي يادگيري ۽ ان سان جڙيل احساس کيس غمگين به ڪن ٿا ته انھن کيس ھڪ مظبوطي به ڏني آھي، ھنن چيو ته ڊاڪٽر ثمينا واحد ھڪ اعليٰ تعليم يافتا پي ايچ ڊي ڊاڪٽر آھي پر سندس مزاج ۾ ڪا به وڏائي ۽ پاڻ پڏائي ناهي، ھر ڪنھن کي محبتون ڏئي پنھنجو ڪندي آھي، آخر ۾ نوجوان راڳي امانت علي، منور جسڪاڻي، مسعود خاصخيلي، طارق امين زرداري ۽ شاھنواز خاصخيلي ڪلام ڳائي تقريب کي چار چند لڳائي ڇڏيا.