ثقافت کاتي ۾ لائبريرين جو زوال

0
17
ثقافت کاتي ۾ لائبريرين جو زوال

 پوري دنيا ۾ اڄ مڪتبن ۽ مڪتبن سان لاڳاپيل عنوانن جا نالا ۽ انهن جو معنائون تبديل ٿي ويون آھن. اڄ اسان اکين سان ڏسي رھيا آھيون ته ڪالهه جي مڃيل حقيقت اڄ عملي طور ھڪ ڇسي ڳالهه بڻجي وئي آھي. ڀلي اسان مڃيون يا نه پر ڇا اسان جي مڃڻ سان ڪا دنيا ٿوروئي اسان جي فرمائش تي اھا حقيقت تبديل ڪري ڇڏيندي! مثال اڳي اسان اھو ٻڌو ھئو سين ته، “سامراج جڏھن به ڪنھن قوم کي برباد ڪرڻ چاھيندو آھي ته پھريان ان مان تعليم ختم ڪندو آھي”. بلڪل ھوندو، پر جيئن اڄ سماجيات آرٽ واري ذمري ۾ ناھي رھي پر ھڪ سائنس ٿي وئي آھي، جو اسان مان ڪافي دوست اڄ به اھو چوندا آھن ته اھي سماجيات ۾ ايم اي ٿيل آھن، پر جديد دنيا ۾ سماجيات ھاڻي آرٽس نه پر سائنس ۾ ليکي پئي وڃي. بلڪل ائين ئي مٿين چوڻي ته “تعليم کسجڻ سان ڪنھن قوم جي تباھي ٿي ويندي” آھي. اھو ھاڻي درست ٿي ائين مڃيو وڃي ٿو ته: “سامراج جڏھن به ڪنھن قوم کي برباد ڪرڻ چاھيندو آھي ته پھريان ان مان ڪلچر ختم ڪندو آھي”. ڇاڪاڻ ته ثقافت پنھنجي پيٽ اندر ان قوم جي تعليم، فڪر، پيداوار، اخلاقيات، فن ۽ سڃاڻپ کي گڏ ڪري ھلندي آھي.

اوھان پاڻ ئي ڏسو ته اڄ دنيا جديد علمي ۽ ٽيڪنالاجيڪل انقلابن جي جنھن دور مان گذري رهي آهي، تنھن جي تناظر ۾ پنھنجي سنڌ جي تحقيقي، عملي ۽ عملي منظرنامي اندر ڪيڏو ته عجيب ۽ ڀيانڪ تضاد نظر اچي ٿو. ھڪ پاسي سنڌ جي نوجوانن ۾ پڙهڻ جو جنون وڌي رهيو آهي، سي ايس ايس، پي سي ايس، ۽ ٻين مقابلي جي امتحانن جي تياريءَ لاءِ هر روز لڳ ڀڳ ھزارين شاگرد ۽ شاگردياڻيون ثقافت کاتي جي لائبريرين جو رخ ڪن ٿا. پر بدقسمتيءَ سان اهي لائبريريون، جن کي قومن جي اڀار جو مکيه دڳ سمجهيو ويندو آهي، سنڌ حڪومت جي بي حسيءَ، لاپرواهي ۽ غيرسنجيدگيءَ جو شڪار آهن.

لاڙڪاڻي جي سر شاھنواز ڀٽو لائبريري هجي يا حيدرآباد جي علامه دائودپوٽو لائبريري، انهن جي داخلي دروازن کان وٺي اندروني حالتن تائين هر جاءِ تي بدانتظامي ۽ بي وسيءَ جا نشان صاف ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جتي نوجوانن جون اڻ کٽ قطارون صبح جو ساڍي اٺين وڳي کان ئي لڳي وڃن ٿيون ته جيئن سندن نصيب ۾ ڪا ڪرسي پلئه پوي. اهي قطارون صرف علم جي اُڃَ کي ئي ظاھر نه ٿيون ڪن پر سنڌ حڪومت جي نااهليءَ جو پڻ بيان ڏيئي رھيون آهن.

انهن لائبريرين جي اندر نه ته فضيلت سان صفائي ٿيل آهي، نه ئي وري مناسب ۽ ڍنگ جو فرنيچر ميسر آهي. گرميءَ کان بچاءَ لاءِ ڪو جوڳو ۽ مستقل انتظام وجود ئي نه ٿو رکي، جيڪڏھن ڪٿي ڪا ايئرڪنڊيشنر لڳل به آھي ته ان ھال ۾ شاگردن جي تعداد آڏو اھا بلڪل به سندن گهرجون پوريون نه ٿي ڪري. لائبريرين ۾ نه ڪتابن جي دجيٽل ڪيٽلاگنگ آهي، نه ئي پڙهندڙن جي رهنمائيءَ لاءِ ڪو جديد نظام! سنڌ اندر لائبريريون، جيڪي ثقافت کاتي جي ذميواريءَ هيٺ اچن ٿيون، حقيقت ۾ اڄ به انگريزن جي دور جي عمارتن، رڪارڊن، ۽ فائلن جي ڍيرن جيان روايتي نموني سان ھلي رھيون آهن. ظالماڻي روش جي حد اھا آھي جو ڪجهه سال اڳ ثقافت کاتي هڪ وڏي اعلان سان ھڪ آن لائين ڊجيٽل لائبريريءَ جو افتتاح ڪيو. چيو ويو ته دنيا جي سئو ملين ڪتابن تائين سنڌ جي ماڻهن کي رسائي حاصل ٿيندي. پر اها ڊجيٽل لائبريري اڄ نه صرف ناڪاره بڻجي چڪي آهي، پر ان جي اپڊيٽ ۽ اپگريڊ جو ڪو ذڪر به باقي نه رهيو آهي. سنڌ جي ثقافتي ادارن لاءِ جيڪو سرڪاري رويو آهي، اهو افسوسناڪ حد تائين بي حسيءَ تي مبني آهي.

اڄ پوريءَ دنيا ۾ لائبريرين جو تصور ئي بدلجي چڪو آهي. برطانيا جي لائبريرين ۾ پڙهندڙن لاءِ جديد سمارٽ اسڪرين، ورچوئل ۽ آگمينٽيڊ رئيلٽيءَ تي مبني مطالعو، ڊجيٽل ڪيٽلاگنگ ۽ آرامده ورڪ اسٽيشنون موجود آهن. ڏکڻ ڪوريا، ڊينمارڪ ۽ ڪئناڊا ۾ لائبريريون رڳو ڪتابن جو ذخيرو ئي نه پر تعميري سوچن ۽ تحقيقن جي مرڪز بڻجي چڪيون آهن. اتي شاگرد ڪتابن جو صرف مطالعو نه ٿا ڪن، پر انهن سرشتن جي اندر موجود معلومات سان عملي طور تجربن مان پڻ سکي رھيا آھن. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ تعليمي ھٿي وٺرائڻ لاءِ موجوده لائبريرين جو بنيادي ڍانچو انتھائي زبون حاليءَ جو شڪار آهي. اصولي طور تي ثقافت کاتي جي ذميواري آهي ته اها رڳو ناچ گانن ۽ فنڪارن تائين محدود نه رهي، پر قوم جي فڪري، ادبي، ۽ علمي اڏاوت لاءِ پڻ پاليسيون جوڙي. پر بدقسمتي سان ثقافت کاتي کي اڄ به حڪومتي اوليتن ۾ ڪو خاص مقام حاصل ئي ناهي. ھڪ اهم سرڪاري آفيسر جي زباني اها ڳالهه به ڪنھن ڪچھريءَ ۾ ڪنن تائين پھتي ته: “ثقافت کاتو ته غيرمنافع بخش آهي”. جڏهن ته حقيقت ان جي سئو سيڪڙو ابتڙ آھي. اصل ۾ وسيع اک سان ڏسجي ته سنڌ جي ترقيءَ جو بنياد ئي هن کاتي جي وسيلي رکي سگهجي ٿو. کيس ڇا، ھتي ته ان کاتي جي وزير موصوف کي به اھا خبر نه ھوندي ته ڪنھن به قوم جو بنيادي عنصر ثقافت ئي ڇو ھوندو آهي؟ مثال تعليم کي ئي وٺو، اوھان ڏسندئو ته تعليم اصل ۾ ثقافت جو ئي ھڪ جز ٿيندي آهي، ڇوته تعليم معاشري جي ثقافتي ڍانچي مان ئي جنم وٺندي آھي. اوهان جن موضوعن تي پڙهائيندا يا پڙھندا آھيو، انهن جو معيار، زبان، نصاب، قدر سڀ جو سڀ ثقافتي اصولن جي ئي پيداوار هوندا آهن. ثقافت سڃاڻپ جو اڪيلو محور ھوندي آهي. جيڪڏهن ڪنھن قوم کان ان جي زبان، لباس، موسيقي، لوڪ ڏانءُ، فڪر، نثر ۽ نظم ۽ تھذيب کسي وڃي ته پوءِ اها رڳو انساني هجوم ئي بڻجي سگهي ٿي، پر ڪا منظم قوم نه! اھا ثقافت ئي آھي جيڪا جديد دنيا ۾ پيداواري قوت بڻجي ٿي. ڇوته قومن جي گڏيل محنت، مھارت، هنر، زراعت، واپار، ۽ صنعتن تي به ثقافتي قدرن جو اثر هوندو آهي. مثال طور، جاپان جي “ڪائيزن” (مسلسل سڌاري) واري ثقافت سڄي جاپاني صنعتن جي ترقيءَ جي بنياد بڻجي پوري دنيا ۾ ٻي مھاڀاري جنگ کانپوءِ کين عظيم قوم بڻائڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو.

جڏھن ثقافت تي ڪارو وار ڪيو ويندو آھي ته اوھان ڏٺو ته ڪيئن نوآبادياتي دور ۾ جتي ڏاڍيون قوتون ويون، انهن تعليم کان اڳ اتان جي قومن جي ثقافت کي نشانو بڻايو. پري ڇو وڃون، هندستان ۾ برطانوي حڪمرانن جي پاليسين ۾ ھندي، بنگالي، پنجابي، مراٺي، وغيره کي رد ڪندي انگريزيءَ کي حڪومتي ۽ تعليمي ٻولي بڻايو ويو. ڇا ٿيو جو ان سان ماڻهن جي سوچ، احساس، سڃاڻپ ڌڪ لڳو. آسٽريليا ۽ آمريڪا ۾ اصلوڪن رھواسين جي ٻولين، تھذيبن ۽ روايتن کي تباه ڪيو ويو، جنھن جي نتيجي ۾ انهن قومن جو قومي جوهر ختم ٿيندو ويو.

سو مٿين دليلن جي روشنيءَ ۽ تاريخي تناظر آڌار پاڻ وٽ ھاڻي جيڪڏهن قومي حساب سان تعليم ۽ تدريس کي ئي ڏسجي ته ڪو به انڪار نه ڪندو ته جيڪڏھن ثقافت کاتو سنڌي قوم جي ڀلائيءَ سان سچو ھجي ۽ اھو پنھنجي لائبريرين کي جديد طرز تي بحال ڪري ۽ انهن کي سنڌ جي هر تعلقي ۾ وڌائي کين جديد انفرا اسٽرڪچر، سمارٽ پڙهائيءَ جا اوزار، تحقيق لاءِ ماحول ۽ ٽيڪنيڪل تربيت ڏيارڻ ۾ ڪامياب وڃي ته سنڌ جا لکين نوجوان بين الاقوامي معيار جا مقابلا کٽي سگهن ٿا. ان ريت نه رڳو سنڌ جي تعليم جو معيار بھتر ٿيندو، پر بيروزگاري، غربت، ۽ سماجي بيچينيءَ ۾ پڻ گهٽتائي اچي ويندي.

اسان ھر ھر اھا ڳالهه رکي رھيا آھيون ته پوري دنيا ۾ ثقافت صرف راڳ ويراڳ يا نچڻ ڪڏڻ ۽ رنگا رنگي لباس پائڻ جو ئي نالو ناهي. پر ثقافت قومن جي فڪر، ڏاھپ، ٻولي، اخلاقيات، ۽ ترقيءَ جو نچوڙ آهي. سچ پڇو ته ثقافت جي دل جهمريون ھڻڻ نه پر لائبريريون آهن، جتي قومون پنھنجي تاريخ سان ڳنڍجي، پنھنجي حال کي سوچي سمجهي ۽ پوءِ پنھنجي آئيندي لاءِ رستا جوڙينديون آھن. پر افسوس ته سنڌ حڪومت جي منصوبابنديءَ ۾ لائبريريون، تحقيق، ۽ علمي مرڪز ترجيحن جي فھرستن مان ئي غائب آهن. جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت اربين رپيا عوام کي خيرات جي صورت ۾ ڏنا وڃن ٿا، ان جي بدلي ۾ جيڪڏهن اهي ئي وسيلا علم، تربيت، ۽ فڪر تي خرچ ڪيا وڃن ته سنڌ جو نوجوان پنھنجي پيرن تي بيھي، پوري دنيا لاءِ وڏو پيداواري وسيلو ٿي اڀري سگهي ٿو.

دنيا اندر جنھن تيزيءَ سان ترقي ٿي رھي آھي، ان ۾ ان ترقيءَ پٽاندڙ جيڪي اوزار استعمال ٿي رھيا آھن، تن کي درست بنيادن تي استعمال ڪرڻ به سچ پڇو ته اسان جي نوجوانن کي نه ٿو اچي. انڪري اھو ضروري آھي ته بغير وقت وڃائڻ جي، اڄ سنڌ جي نوجوانن کي نچڻ، ڳائڻ ۽ روئڻ پِٽڪي واري روايتي روشن کان ٻاهر ڪڍڻ جي ضرورت آهي. انهن کي لکڻ، پڙهڻ، سوچڻ ۽ اڳتي وڌڻ واري ثقافت ڏني وڃي. جيڪڏهن ثقافت کاتو پنھنجي اهميت کي سڃاڻي ته اها به وڏي ڪاميابي ليکبي، جيڪا ايندڙ نسلن لاءِ اميد جو ڏيئو بڻجي سگهي ٿي. جنھن ڪاميابيءَ ۾ سنڌ جي مستقبل لاءِ ضروري بڻجي ويندو ته ثقافت جي نئين تشريح ڪئي وڃي، جتي لائبريريون فقط ڪتابن جا ڍير نه پر تخليق ۽ تبديليءَ جا مرڪز ھئڻ گهرجن. ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ حڪومت جي رويي، پاليسين جي ترجيحن، ۽ حڪومتي ذميوارين کي نئين سر ترتيب ڏئي. سچ اھو آھي ته اڄ ئي اھو وقت آهي ته سنڌ جي لائبريرين جي زوال کي ٻُنجو ڏئي انهن جي روشن آئيندي جو نئون بنياد بڻايو وڃي، نه ته ياد رکو! تاريخ اسان کان اهو سوال ضرور پڇندي ته جتي پڙهڻ لاءِ قطارون لڳنديون هيون، اتي اوھان خاموش تماشائي ٿي ٽڪٽاڪي وڊيوز ڀرڻ ۾ ڇو لڳا پيا ھئا؟