ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ثقافت کاتي جي ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن کي عهدن تان نه هٽائڻ خلاف درخواست ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي سنڌ حڪومت کان 22 اپريل تي تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ چيو ته اسان کي ٻڌايو وڃي ته جيڪي آفيسر نيب ريفرنس يا انڪوائري هيٺ آهن، انهن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي يا نه؟ عدالت وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته جيڪي آفيسر انڪوائري ۽ ريفرنس ۾ ملوث آهن، انهن کي عهدن تان هٽايو وڃي، ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل منور عالم عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جواب ۾ چيو آهي ته منظور ڪناسرو خلاف ڪرپشن جي ڪا انڪوائري ناهي، رڳو سنڌ فيسٽيول ۾ ڪرپشن جي جاچ هلي رهي آهي، جنهن ۾ هن سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ئي ضمانت حاصل ڪئي آهي. ان موقعي تي سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هڪ جوابدار روشن ڪناسرو جيل ۾ آهي، جڏهن ته ٻين آفيسرن تي ڪو به نيب جو ڪيس ناهي. هن چيو ته روشن خلاف ريفرنس داخل ٿيڻ کان اڳ هڪ ٺيڪو ولي الله ڀٽو کي ڏنو ويو هو، جڏهن ته ريفرنس اچڻ کانپوءِ اهو ٺيڪو ولي الله ڀٽو کي نه ڏنو ويو.