ثقافتي ڏينھن ۽ “الا ائين مَ هوءِ” جي صدا! ؟

0
122
ثقافتي ڏينھن ۽ “الا ائين مَ هوءِ” جي صدا! ؟
ثقافتي ڏينھن ۽ “الا ائين مَ هوءِ” جي صدا! ؟

                 دنيا ۾ مختلف ڏينھن ملھايا ويندا آھن. انھن جو مقصد يا ته سجاڳي پيدا ڪرڻ ھوندو آھي، جيئن مختلف بيمارين جا ڏينھن يا ان مخصوص ڏينھن تي ختم ٿيندڙ جذبي ۾ ساھ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي. جيئن ڪجھ ملڪن ۾ ماءَ سان محبت جو ڏينھن ته وري ڪڏھن ان ڏينھن جي خوشيءَ کي وڏي ڌام ڌوم سان محبت، جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويندو آھي، جيئن ويلنٽائن ڊي يا ڪنھن به ملڪ جي آزاديءَ جو ڏينھن. سنڌ ۾ سنڌي ثقافت ايڪتا جو ڏينھن گذريل 15 سالن کان وڏي ڌام ڌوم سان ملھايو پيو وڃي، جيڪا ڀلي ڳالھ به آھي. ھن وقت سنڌ ۾ ڪا سياسي پارٽي ڪيڏو به زور لڳائي پر عوام کي ايترو متحرڪ ڪري نه سگھندي، جيترو ھن ثقافتي ڏينھن تي عوام متحرڪ ٿئي ٿو. نه برياني جو چسڪو، نه نوڪري جي لالچ ۽ نه وري ڪو انڪم سپورٽ ڪارڊ يا گھر ٺھرائي ڏيڻ جو آسرو. ھي واحد ڏينھن آھي، جنھن تي سنڌ جي سڀني سياسي پارٽين جا ڪارڪن پارٽي جا جھنڊا کڻي رستن تي نڪري پون ٿا. نه صرف ايترو پر غير سياسي ماڻھو ۽ عورتون به ھن ڏينھن کي ملھائين ٿا. آخر ڇا سبب آھي، جو ھن ڏينھن تي ڪجھ ڌرين جي مخالفت باوجود عوام جو سمنڊ اٿلي ٿو پئي؟!

جيئن برسات جي امڪان ۾ ماڻھو ڇٽي کڻي يا ٻيو ڪو بندوبست ڪري ٻاھر نڪرندو آھي، جيئن طوفان جي امڪاني خطري ۾ ماڻھو محفوظ جڳھ تي پناهه وٺندو آھي، ڪٿي ائين ته ناھي ته سنڌ جو ماڻھو پنھنجي وجود کي خطري ۾ محسوس ڪري ثقافتي ڏينھن ايڪتا جي نالي تي گڏ ٿي مزاحمت جون ڪوششون رھيو آھي!

جيئن ڪجھ سالن کان سنڌ مان سياست جي جاءِ تي بدمعاشي ۽ پيداگيري، آفيسر شاھي، ڪمداري ۽ ڪرپشن، پوليس گردي، ڦرلٽ، واٺا گيري ۽ مارا ماري وڌي وئي آهي. وڏيرڪو داٻو ۽ دهشت ايڏي ته طاقتور ٿي وئي آھي جو پنھنجي مضبوط وار سان عوام جي لوئي، لڄ، عزت پائمال ڪري ڇڏيو آهي. ڀوتار جڏهن ڪنھن جي فصل جو پاڻي بند، ته ڪنھن جي گھر، زر ۽ زمين ۾ تاڪائو اکيون وجھيو ويٺو هجي، ھن جي ناپاڪ ارادن کي پوليس ۽ آفيسر شاھي جو مڪمل ساٿ هجي، اتي ميرن ڪپڙن، اداس اکڙين ۽ خوف ۾ مبتلا منھنجي ديس جي ماروئڙن جا نوجوان نفرت ۽ غصي جو اظھار ثقافتي ڏينھن تي رستن تي نڪري اجرڪ اوڍي، ٽوپي پائي “جيئي سنڌ جيئي، سنڌ وارا جيئن” جھڙن گيتن تي رقص ڪري ڪن ٿا!!  ھنن نوجوانن کي خبر آھي ته سندن ديس ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪابه نوڪري وڏيري ۽ ڪاموري جي پٽ ۽ ڌيءَ کي ملندي يا سرنديءَ وارا پئسن تي خريد ڪندا ۽ ھي پاڻ ۽ سندن ايندڙ نسل به ھنن جي درن تي نڪ رڳڙيندا رھندا! سو ھي نوجوان ايڪتا واري ڏينھن تي ھن سماج کان نفرت جو اظھار زوردار نعرن سان، رقص ذريعي ڪندي نظر اچن ٿا. ھي نوجوان ڄاڻن ٿا ته سندن ديس ۾ ھاڻ ڪنھن سٺي شعبي ۾ پڙھڻ لاءِ داخلا به پئسن کان سواءِ ممڪن ناھي. رات جي پيٽ ۾ سندن اوجاڳن، محنتن ۽ ارمانن جو قتل ڪري سوالن جا جواب وڪرو ڪيا ويندا آھن ۽ سندن اڳيان ھوندو آھي اداسي ۽ مايوسي جو سمنڊ. ھي نوجوان ثقافت واري ڏينھن تي وڌيڪ زور ۽ شور سان نعرا ھڻندا آھن: ”جيئي سنڌ جيئي، سنڌ وارا جيئن”.

منھنجي سنڌ واسين کي خبر آھي ته ھاڻ سنڌ ۾ تعليم ٻه طبقاتي نظام ۾ تبديل ٿي وئي آھي! ھڪ نظام ۾ امير ۽ سرندي وارو طبقو آھي، جن جا ٻار پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙھي مادري ٻوليءَ کان پري ٿي ويا آھن ته وري ٻئي طبقي جي نصيبن ۾ سرڪاري اسڪول، جتي استادن جي پگھار، گريڊ ۽ گھڻن جي ته قابليت به تمام سٺي آھي پر انھن کي اسڪول ٽائيم تي پنھنجا ذاتي ڪم ڪار ۽ “ناساز طبيعت” منجھايو ڇڏي. ايتريقدر جو ھنن استادن جا پنھنجا ٻار به ناتجربيڪار استادن وٽ پرائيويٽ اسڪول جي حوالي ٿيل ھوندا آھن.

وري ھڪ ٻيو الميو اهو ته سنڌ ۾ مجموعي طرح غربت ٻين صوبن کان وڌي ويئي آھي ته ان سان گڏ صحت جون سھولتون گھٽ ۽ بيماريون وڌي ويون آھن. ساڳي جاءِ تي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جو ڊيوٽي تي گھٽ اچڻ ۽ مريضن سان سٺو رويو نه ھجڻ ڪري منھنجي ديس جي ماروئڙن جي اھنجن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي!! گھڻن مريضن کي غير ضروري وڏين اسپتالن ڏانھن روانو ڪيو وڃي ٿو، جن جو علاج مقامي سرڪاري اسپتال ۾ ممڪن ھوندو آھي ته وري ڪجھ مريض رڳو ڪرايو ڀاڙو نه ھجڻ ڪري وڏين اسپتالن ۾ اچڻ بجاءِ درگاھن ۽ عاملن جي آستانن جي حوالي ٿي زندگيءَ جي جنگ ھارايو ويھن. ان کان سواءِ بيروزگاري، فصلن جو گھٽ ٿيڻ، پاڻي جي کوٽ روڊن ۽ رستن جي خراب حالت، ڪامورا شاھي جي نالائقي جي ڪري آيل آفتون وغيره، سڀ گڏجي سنڌ واسين جي اھنجن ۾ اضافو ڪري رھيا آھن. انھن حالتن ۾ سنڌ جي ماڻھن ۾ ثقافتي ڏھاڙو ايڪتا پيدا ڪري ٿو. نعرا ھڻي، رقص ڪري ڀرپور جدوجھد سان زندگي گذارڻ جو اظهار ڪن ٿا. مرشد لطيف جي لفظن ۾ عالمي امن لاءِ پڻ آس رکن ٿا.

سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

[email protected]