ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت پاران مختلف کاتن جي ڪامورن ۽ تعليم کاتي جي اسڪولي توڙي ڪاليجي استادن کي 19هين گريڊ ۾ ترقين جي منظوري، گھرو کاتي پاران ڊي ايس پيز جي ايس پي طور ترقين وارا اڻپورا ورڪنگ پيپر اجلاس ۾ کڻي وڃڻ سبب ڊي ايس پيز ترقيون ماڻڻ کان رهجي ويا. ان حوالي سان ڪالهه چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاھ جي صدارت هيٺ سليڪشن بورڊ ٽو جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لائيو اسٽاڪ، خوراڪ، ثقافت، گھرو کاتي، جھنگلي جيوت، ورڪس سميت مختلف کاتن جي آفيسرن، انجنيئرن ۽ ڊاڪٽرن سميت استادن کي مٿين گريڊن ۾ ترقيون ڏيڻ لاءِ غور ويچار ڪرڻ  ڪرڻ بعد لائيو اسٽاڪ کاتي جي اينيمل هسبنڊري سائيڊ جي 7 ڊپٽي ڊائريڪٽرن ڊاڪٽر چندر ڪمار، ڊاڪٽر غلام علي جوڳي، ڊاڪٽر قربان راڄپر، ڊاڪٽر جهان آرا، ڊاڪٽر نند کتري، ڊاڪٽر فيض کوکر ۽ ڊاڪٽر مسعود کي ايڊيشنل ڊائريڪٽر/ڊائريڪٽر طور 19هين گريڊ ۾ ترقي جي منظوري ڏني وئي. جڏهن ته لائيو اسٽاڪ کاتي جي پولٽري ونگ جي 2 ڊاڪٽر جنيد الله خان ۽ ڊاڪٽر عبدالرشيد ڀٽو کي پڻ 19هين گريڊ ۾ ڊائريڪٽر جي عهدي طور ترقين جي منظوري ڏني وئي. اجلاس  ۾ ثقافت کاتي جي 3 ڊپٽي ڊائريڪٽرن سليم سولنگي، هدايت الله راڄڙ ۽ رحمت الله راڄڙ کي 19هين گريڊ ۾ ڊائريڪٽر طور ترقي ڏني وئي. اهڙي طرح خوراڪ کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عمران کيڙو کي ايڊيشنل ڊائريڪٽر طور 19هين گريڊ ۾ ترقي جي منظوري ڏني وئي. جڏهن ته ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي 123 ميل ۽ 50 فيميلز اسٽنٽ پرفيسرن کي ايسوسيئيٽ پروفيسر طور 19هين گريڊ ۾ ترقين جي منظوري ڏني وئي. جڏهن ته  ڊي ايس پيز کي ايس پي طور ترقيون ملڻ وارو مامرو گھرو کاتي جي اختيارين پاران اڻپورا ورڪنگ پيپر اجلاس ۾ کڻي وڃڻ سبب ڊيفر ڪيو ويو. ساڳئي ريت جھنگلي جيوت کاتي ۾ ڪنزرويٽر طور ترقيون ماڻڻ لاءِ سينارٽي واري ڊوڙ ۾شامل  3 ڊپٽي ڪنزرويٽر مير اعجاز ٽالپر، واجد شيخ ۽ دارا منير مختلف اعتراضن سبب ترقين کان رهجي ويا، ٻئي پاسي اينٽي ڪرپشن ۾ ڊائريڪٽر ايگزيڪيوٽو واري پوسٽ نه هجڻ باوجود عدالتي حڪمن تي رٽائرڊ ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ذاڪر سمون کي 19هين گريڊ ۾ ڊائريڪٽر ايگزيڪيوٽو طور ترقي ڏيڻ لاءِ معاملو سليشن بورڊ ٽو جي اجلاس واري ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ سبب اختياريون مونجھاري جو شڪار ٿيون.