ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ جي گهر واري پنهنجي ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
وومين ٽينس ايسوسيئيشن جي ويب سائيٽ کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ثانيه مرزا چيو ته هوءَ ايندڙ مهيني دبئي ايونٽ کانپوءِ رٽائر ٿي ويندي
هن چيو ته مان ڊبليو ٽي اي فائنل کانپوءِ رٽائر ٿي وينديس، سڀني کي خبر آهي ته انجري جي ڪري يو ايس اوپن سميت سمورن ايونٽس تان هٿ کڻڻو پيو، مان پنهنجي مرضي موجب ڪرڻ واري عورت آهيان
ٽينس اسٽار وڌيڪ چيو ته مان نه ٿي چاهيان ته انجري ۾ منهنجو ڪيريئر ختم ٿئي، اِن ڪري مان پريڪٽس جاري رکي، ڪوشش ڪنديس ته هاڻي ڊبليو ٽي اي 1000 کيڏان ۽ دبئي ۾ رٽائر ٿي وڃان
واضح رهي ته ثانيه مرزا آسٽريلين اوپن ڊبلز ۾ قازقستان جي اينا ڊيلينا سان گڏ حصو وٺندي