ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا ۽ شعيب ملڪ جو پٽ اذهان مرزا ملڪ پنهنجي والده جو نمبر ون فين آهي. ثانيه مرزا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ هڪ تصوير ۾ هو ٽينس ميچ بعد پنهنجي پٽ اذهان ملڪ ۽ امريڪي ٽينس رانديگرياڻي ڪرسٽينا ميڪ هيڪ سان تمام گهڻي خوش نظر اچي رهي آهي. ثانيه مرزا ڪئپشن ۾ لکيو ته اسان جو نمبر ون فين اذهان مرزا ملڪ به تمام گهڻو خوش آهي.