اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ثاقب نثار جي صادق ۽ امين شوڪت خانم جا 3 ملين ڊالر جا خيراتي فنڊ هائوسنگ سوسائٽي ۾ لڳائڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي، جعلي صادق ۽ امين 30 لک ڊالر جي رقم هائوسنگ منصوبي ۾لڳائڻ جو اعتراف ڪيو آهي، جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي عوام عمران خان کي شوڪت خانم لاءِ زڪوات جا پيسا ڏنا هئا، پرائيويٽ هائوسنگ سوسائٽي جي لاءِ نه ڏنا هئا، ٻين تي چوري جا الزام ۽ پاڻ خيرات جي پيسن جي چوري جو اعترافِ جرم، لکين ڊالر جا خيراتي پيسا لڳائيندي شوڪت خانم جي بورڊ کان منظور نه ورتي وئي، هن چيو ته ڪوڙو، فراڊي توشا خانه ۽ زڪوات چور چوي ٿو ته توشا خانه ۾ چوري ڪئي ته ڇا ٿيو؟ رياست جا 190 ملين پائونڊ کائي ويس ته ڇا ٿيو؟ پنج قيرط جو هيرو ئي ته ورتو آهي؟ فارن فنڊنگ ڪري ملڪ جي خلاف دشمني ڪئي ته ڇا ٿيو؟ زڪوات جا پيسا چوري ڪيا آهن ته ڇا ٿيو؟ ٽرسٽ جو پيسو ئي ته کاڌو آهي ته ڇا ٿيو؟ القادر ٽرسٽ جي نالي تي 458 ڪنال ايراضي رشوت ورتي ته ڇا ٿيو؟ بشريٰ بي بي سان ملي پنجاب جي هر نوڪري، هر عهدو وڪرو ڪيو ته ڇا ٿيو؟ مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته عمران خان جن کي چور چوي ٿو پاڪستان ۽ برطانيا جي به ڪنهن عدالت ۾ انهن خلاف ڪوڙا الزام ثابت نه ڪري سگهيو، هن چيو ته عمران خان ان ڪري عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿئي جو ان کي معلوم آهي ته جيڪڏهن عدالت ۾ پيش ٿيس ته سڀني ڪيل ڏوهن جو اعتراف ڪرڻو پوندو.