پشاور(م ڊ) پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي مائينز اينڊ منرلز ترميمي بِل جي منظوري باني جي اجازت سان مشروط ڪري ڇڏي، ڪي پي اسيمبلي ۾  سياسي ڪميٽي جي اجلاس دوران وڏي وزير علي امين گنڊاپور بِل جي اهم نقطن تي بريفنگ ڏني، جاري ٿيل پڌرائي موجب باني سان تفصيلي مشاورت بعد مائينز اينڊ منرلز ترميمي بل جي منظوري ڏني ويندي، باني کي اعتماد ۾ وٺڻ بعد اجازت ورتي ويندي، اُن کانپوءِ اسيمبلي مان بِل منظور ڪرايو ويندو، بِل ۾ معدني وسيلا يا صوبائي حق وفاق کي منتقل ڪرڻ جي ڪابه شق شامل ناهي، ايس آءِ ايف سي يا ڪنهن وفاقي اداري وسيلا منتقل ڪرڻ جي شق به شامل نه آهي