لاهور (م ڊ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ جي حفاظت لاءِ ڪيترائي قدم اڻٽر ٿي ويندا آهن، اميد آهي ته اڄ پي ٽي آءِ جو ناٽڪ ختم ٿي ويندو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي جو واحد رستو عدالتي ڪارروائي آهي، عمران خان بي ڏوهه آهي ته عدالت سامهون ثبوت پيش ڪري، اسان به عدالتن ۾ ڪيسن کي منهن ڏنو هو. هن چيو ته حڪومت ماضي ۾ انهن سان نرمي جو مظاهرو ڪري چڪي آهي پر انهن ناجائز فائدو کنيو، عسڪري ملڪيتن تي حملا ڪيا ويا ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته 9 مئي کانپوءِ ان جماعت مان خير جي اميد نٿي ڪري سگهجي، ڏڦيڙ پکيڙڻ جو مقصد ملڪي حالتون خراب ڪرڻ آهي، اهڙن احتجاجن سان ڪجهه نه ٿيندو. احسن اقبال چيو ته تڪليف پهچڻ تي پاڪستانين سان معذرت ڪيون ٿا، ملڪي حفاظت لاءِ ڪجهه قدم اڻٽر ٿي ويندا آهن.