ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان مڱريا، خاصخيلي ۽ مري برادري جي ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ ساڃاهه وندن، علائقي جي معزز شخصيتن، مختلف درگاهن جي گادي نشينن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جو ميڙ منٿ قافلو جهيڙيندڙ ڌرين وٽ پهتو، قافلي ۾ عابد شاهه، عطاءُ الله شاهه، فيصل شاهه، ظفر کوسو، اقبال کوسو، ۽ ٻيا شامل هئا جيڪي پهريان ڳوٺ نبي بخش مڱريو پهتا جتي ڳوٺ جي نيڪ مردن قافلي کي مان ڏيندي فيصلي تي راضپو ظاهر ڪيو، ميڙ منٿ قافلو بعد ۾ ڳوٺ ڪوڏو مري ۾ قتل ٿيل قلندر بخش مري جي وارثن وٽ پهتو، جتي پڻ ڌر جي اڳواڻن ٺاهه تي آمادگي ظاهر ڪئي، جنهن کانپوءِ قافلو خاصخيلي برادري وٽ پهتو جتي برادري جي ماڻھن قافلي جي اڳواڻن کي چيو ته اسان هن وقت مڱريا برادري جي ماڻھن سان فيصلو ڪري سگهون ٿا، باقي مري برادري سان فيصلو نٿا ڪري سگهون، هنن چيو ته ڪجهه ڏينهن جي مهلت ڏيو ته اوهان کي سوچي جواب ڏينداسين، جنهن بعد قافلو واپس روانو ٿي ويو.