فيض گنج(ن پ ا) فيض گبج ڀرسان هسيباڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ مختلف برادرين جي معززن تي مشتمل امن ڪاميٽي جو ميڙ منٿ قافلو ڌرين وٽ ٺاهه لاءِ ڳوٺ خوش خير محمد هسيباڻي پهتو، جتي قتل ڪيل فقير لياقت هسيباڻي جي قتل بعد پ پ اڳواڻ فقير بخت هسيباڻي ۽ پ پ جي اڳوڻي تعلقه صدر بظير هسيباڻي کي تڪرار ختم ڪرڻ جو چيو ويو، قافلي ۾ فقير عارف هسيباڻي، ارشاد هسيباڻي، بابو خادم هسيباڻي، فقير مينهون هسيباڻي، وڪيل الطاف هسيباڻي، اعظم عارفي ۽ ٻيا شامل هئا، قافلي آڏو پ پ اڳواڻ بخت علي هسيباڻي ۽ ٻين مطالبو رکيو ته قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪرايا وڃن، بعد ۾ ڳالهيون ڪنداسين، بعد ۾ قافلو جڊيشل لاڪ پڪاچانگ ۾ لاڪ آپ ٿيل فقير نظير هسيباڻي وٽ پهتو، نظير هسيباڻي  چيو ته اسان فصيلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.