واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي مقبول اخبار واشنگٽن ايگزامينر پنهنجي هڪ مضمون ۾ نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي صلاح ڏني آهي ته عمران خان ۽ ان جي سياست سان واسطو آمريڪا ۽ آمريڪي مفاد لاءِ خطرناڪ آهي، عمران خان جي سياست آمريڪا دشمني تي ٻڌل آهي، آمريڪا ڪنهن طالبان همدرد جي حمايت نٿو ڪري سگهي. واشنگٽن ايگزامينر چيو آهي ته عمران خان هڪ تڪراري شخصيت آهي ۽ آمريڪي حڪومت ڪنهن نئين تڪرار کي برداشت نٿي ڪري سگهي، پاڪ فوج ۽ آمريڪا جا لاڳاپا سدائين خطي ۾ امن جي ضمانت رهيا آهن، آمريڪي حڪومت ۽ سياست جي بهتري عمران خان کان پري رهڻ ۾ آهي. مضمون ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا سدائين گڏيل مفادن تي ٻڌل رهيا آهن، عمران خان جي ڪنهن قسم جي حمايت سان لاڳاپن ۾ خلل پئجي سگهي ٿو، عمران خان جي سياست پاڪستان جو اندروني مسئلو آهي. واشنگٽن ايگزامينر موجب عمران خان پنهنجي سياسي مفادن لاءِ آمريڪا مخالف مهم هلائي، عمران خان جي شخصيت تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي، آمريڪا طالبان جي حمايت، دهشتگردي خلاف جنگ ۽ اسامه بن لادن جي حوالي سان عمران خان جي نظريي کي سپورٽ نٿو ڪري سگهي.