نصيرآباد (ن پ ا) سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽيءَ پاران سنڌو درياءَ تي ڌاڙي، سنڌ اندر ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ عرفان لغاريءَ ۽ زاھد لغاريءَ جي قتل خلاف مارچ ڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي فرقان پنھور، وي ايم پي اڳواڻ سسئي لوھار، حفيظ چانڊيو، زاھد ڪيريو، درياھ پنھور چيو ته سنڌ جي وسيلن تي ڪنھن به صورت ۾ قبضو قبول نه ڪيو ويندو، سنڌو درياهه اسان جو جياپو آهي، جنھن کي روڪڻ فطرتي توڙي عالمي قانون جي خلاف آھي. ھنن وڌيڪ چيو ته موري ۾ احتجاج ڪندڙن بي گناھ ماڻھن تي گوليون ھلرائي پنھنجي دھشت ڦھلائي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ تڪراري ڪئنالن وارو منصوبو ختم ڪري عرفان لغاري ۽ زاهد لغاري جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.