ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو آھي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ڪئنالن جو فيصلو ايوان صدر جي رضا مندي سان ٿيو آھي،گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي يو آئي سان پراڻن واسطن باوجود پ پ جي موجودگي جي ڪري آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت ناهي ڪئي ، هڪ بيان ۾ چيو ته جيستائين پ پ ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن ۽ 6 ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي تان ھٿ نٿي کڻي، پيپلزپارٽي سان ڪانفرنسن ۾ گڏ ويھڻ سنڌ جي مفاد ۾ ناھي، ھن چيو ته پيپلز پارٽي ھاڻي سنڌ جي عوام کي وڌيڪ بيوقوف نٿي بڻائي  سگھي ،ھن چيو ته جي ڊي اي پاران ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن ۽ 6 نوان ڪينال ڪڍڻ خلاف ڪراچي کان ڪشمور تائين احتجاج جي دائري کي وڌايو ويندو، اسان سنڌ دوست جماعتن سان رابطن کي تيز ڪنداسين.