
گڊو(رپورٽ: محمد علي ڪلوڙ) سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف جسقم طرفان جسقم چيئرمين صنعان قريشي، ناياب سرڪش، اطهر سومرو،ديدار شام جي اڳواڻي ۾ سنڌ_پنجاب ۽ بلوچستان جي دنگ ديره موڙ وٽ ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي ۾ اوٻاوڙو، ڪنڌڪوٽ، مريد شاخ، شڪارپور، جيڪب آباد، گھوٽڪي، ڪشمور، بخشاپور، مان سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي، ڌرڻي کي خطاب ڪندي صنعان قريشي چيو ته سنڌو درياهه مان غيرقانوني طور تي ڪئنال ڪڍڻ سنڌ جي حقن تي ڌاڙو آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، هن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي 6 ڪئنالن جي کوٽائي بند ڪئي وڃي، هن چيو ته سنڌو درياهه تي سنڌ جو حق تسليم ڪيو وڃي.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڻي تي ڌاڙو بند نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.