لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ آبادگار تنظيمن جي گڏيل پليٽ فارم اينٽي ڪئنالز ايڪشن ڪاميٽيءَ جي سڏ تي سنڌو درياءَ مان 6 نوان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ ۽ گرين انيشئيٽو تحت سنڌ جي زمينن تي قبضي خلاف سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه ۽ جي ڊي اي اڳواڻ معظم علي عباسيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ قمبر باءِ پاس کان پيادل مارچ ڪري شهر جي جناح باغ چوڪ تي ڌرڻو هڻي جلسي عام ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ جڳديش آهوجا، روشن ٻرڙو، روشن ڪلهوڙو، ڊاڪٽر مظهر مغل، شيبا مغل، ليکڪه ۽ اديبه ناياب سرڪش سنڌي، غلام رسول عمراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي زين شاهه چيو ته اينٽي ڪئنالز ايڪشن ڪاميٽي ۾ سنڌ آبادگار بورڊ، چئمبر آف ايگريڪلچر، سنڌ يونائيٽڊ آبادگار فورم ۽ سنڌ آبادگار اتحاد شامل آهن، اسان آبادگارن فورمن تائين سنڌو درياءَ مٿان اڏجندڙ 6 ئي ڪئنالن کي رد ڪيون ٿا. هن چيو ته ڪئنال ٺاهڻ سان سنڌ کي نقصان ٿيندو، اسان جي آبادگارن جون زمينون بنجر بڻجي وينديون ۽ پيئڻ جو پاڻي گهٽجي ويندو ته پوءِ ملڪ ڪيئن هلندو؟ ملڪ ائين نه نه پر برابري ۽ انصاف سان هلندو.هن چيو ته  ڪئنال ٺاهڻ وارو فيصلو پاڪستان ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ناهي، اهو فيصلو واپس ورتو وڃي،  جي ڊي اي اڳواڻ معظم علي عباسي چيو ته پوري سنڌ جعلي ڪئنالن خلاف هڪ ٿي سراپا احتجاج آهي، سنڌ ۾ هر ڀيري غلط فيصلا ڪيا ويندا آهن، هاڻي ائين پيو لڳي ته سنڌ ۾ انصاف نالي ڪا شيءَ ناهي، پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام کان زبردستي جيئڻ جو حق کسي رهي آهي پر سنڌ واسي باشعور آهن ۽ پنهنجا حق ڇني به وٺندا. عرفان جتوئي چيو ته اسان کي پاڻي ۽ زمينن تي قبضو قبول ناهي، پرامن جدوجهد ڪئي ويندي.