ڪراچي(نمائندن وٽان) سموري سنڌ ۾ تڪراري ڪئنال رٿا خلاف تحريڪ زور وٺي وئي، جسقم جي سڏ تي ننڍن وڏن شهرن ۾ شٽربند هڙتال، بازارون ۽ دڪان نه کليا، پيٽرول پمپس بند، روڊن تان ٽرئفڪ غائب، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻو، ميرپور خاص، ملير، دادو، ڄامشورو، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان ۽ مٽياري ضلعن ۾ ڪاروباري مرڪز بند، جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته سنڌ واسين ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ بند رکي ڪئنال رٿا خلاف ريفرنڊم ڏئي ڇڏيو آهي، خبر موجب سموري سنڌ ۾ تڪراري ڪئنال رٿا خلاف تحريڪ زور وٺي وئي، جسقم جي سڏ تي ننڍن وڏن شهرن ۾ شٽربند هڙتال، بازارون ۽ دڪان نه کليا، ڪراچي ملير ضلعي جي مختلف علائقن گلشن حديد، گھگھر، شاھھ لطيف ٽائون، رزاق آباد، ڀينس ڪالوني، ميمڻ ڳوٺ، کوکراپار، درساڻو ڇنو، ڪاٺوڙ ۾ مڪمل هڙتال رهي، پارٽي ڪارڪنن اسٽيل ٽائون موڙوٽ ڌرڻو هڻي ۽ ٽائر ساڙي ڪراچي ٺٽو نيشنل ھاءِ وي کي بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون، اڻ وڻندڙ واقعي کي منھن ڏيڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا مقرر ڪيا ويا هئا، حيدرآباد ۾ شٽربند هڙتال رهي، ڪاروباري مرڪزن سان گڏ ٽرانسپورٽ به گهٽ نظر آئي، قاسم آباد سميت ٻيا علائقا مڪمل طور تي بند رهيا، سکر‌ توڙي آس پاس وارن علائقن ۾ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي، شهر جا مک ڪاروباري مرڪز بند رهيا، لاڙڪاڻي ۾ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪري ريلي ڪڍي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، جڏهن ته جسقم جي ريلي دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شاگرد نينگر ايان زخمي ٿي پيو، گھوٽڪي ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مڪمل طور شهر بند رهيو، خيرپور ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، نوشهروفيروز ۾ شھر ۽ آس پاس ۾ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي، ڄامشوري ۾ شٽر بند هڙتال رهي، جڏهن ته شاگرد، سياسي سماجي اڳواڻ سيوهڻ انڊس هاءِ وي تي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ڌرڻو هنيو، جيڪو آخري اطلاعن تائين جاري هو، دادو ۾ جسقم جي سڏ تي ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، عمرڪوٽ شھر ۾ مختلف علائقن جا مارڪيٽ بند رهيا، بدين ۾ شاھي بازار، ريشم گلي، سونارا بازار، جھونا مارڪيٽ، شھباز روڊ، قائداعظم روڊ، شاھ لطيف روڊ، غريب اباد، شاھنواز چوڪ، مھراڻ چوڪ، شھيد فاضل چوڪ، مھراڻ چوڪ سميت اڪثر علائقا بند رھيا، قمبر ۾ شٽربند هڙتال ڪري شهداءِ چوڪ تي شاهجهان ڪلهوڙو، سيد آفتاب شاھ راشدي، محمد جان بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، جيڪب آباد ۾ جسقم جي سڏ تي مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو، مٽياري ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري شرجيل سالاريو، ذوالفقار ڏيٿو، شهزاد سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو، ٽنڊو محمد خان، بلڙي شاھ ڪريم، ٽنڊو غلام حيدر ۽ ڀرپاسي جي ننڊن وڏن شهرن ۾ مڪمل هڙتال رهي، جڏهن ته ظهور هاليپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو، شڪارپور ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته عبدالسميع بلالي، اسلام الدين لھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لکيدر گھنٽا گھر چوڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ٻئي طرف وڪيلن طرفان اطھر عباس سولنگي، قربان ملاڻو، ظفر چنو، محمد علي جتوئي، يحيٰ ٻپڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ خانپور ٽول پلازا وٽ ڪئمپ قائم ڪري روڊ بند ڪيو ويو، ڪنڌڪوٽ ۾ شٽربند هڙتال ڪري والي ڏنو سنڌي، بشام خان، حفيظ سنڌي، بشير خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، سجاول ۾ هڙتال دوران ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز، مارڪيٽون، دوڪان، پبلڪ ٽرانسپورٽ، بس اسٽينڊ ۽ پيٽرول پمپ به بند رهيا، تلھار ۾ مڪمل شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ ھڙتال رهي، جسقم اڳواڻ خالد سنڌي، راجيش ڪمار، شڪيل جتوئي، شھزاد آريسر ۽ ٻين اڳوڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڪڙيوگهنور ۾ مڪمل شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي، ميرپوربٺورو ۾ سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، راڄوخاناڻي شهر ۾ ابوبڪر نظاماڻي، وقاص نظاماڻي، مير ريحان ٽالپر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جڏهن شهر ۾ مڪمل ھڙتال رهي، گولاڙچي، ماتلي، تلھار، ٽنڍو باگو، ڪڙيو گھنور، نندو، کوسڪي، شادي لارج، ڪڍڻ، سيراڻي شھر مڪمل بند رھيا، ميرپور ساڪرو ۾ جسقم اڳواڻ قادر جوڻيجو، جمشيد هديو، منظور ڪلمتي، آفتاب ملاح، شڪور ميراڻي ۔قادر ڪلوئي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،  شهر جا پيٽرول پمپ ۽ ڪاروباري مرڪز بند رهيا، پنگريو ۾ هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته محبوب جوڻيجو، ارشد چانڊيو ۽ ٻين شادي سمال واهه جي موري کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو، جهوڪ شريف ۾ علي حسن جلالاڻي، حاجي خان جلالاڻي، اي  ڊي جتوئي، ثناءُ الله، نادر جلالاڻي جي اڳواڻي ۾  شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، ٽنڊوباگو شھر ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪرڻ بعد باگو واهه پل واري چوڪ تي جسقم بشير خان قريشي جي ڪارڪنن سجاد شاهه، سليمان جروار، ذڪا الله بليدي، وقار ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ھنيو، گھوڙاٻاري ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي،  گهارو ۾ جسقم اڳواڻ سيد گلزار شاهه جيلاني، جساف اڳواڻ سيد اياز شاهه، پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ سيد ضمير شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته شهر ۾ مڪمل هڙاتال رهي، ڪنري جون مارڪيٽون، بازارون ۽ ڪاروباري مرڪز بند رهيا، ماتلي ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، شهر جا مک ڪاروباري مرڪز سبزي منڊي، چاندني چوڪ، سونارا بازار، اسٽيشن روڊ، بس اسٽاپ چوڪ، ڦلڪارا چوڪ، ٽنڊو غلام علي روڊ بند رهيا، جهڏو ۾ جزوي هڙتال ڪري نياز کوسو، امين چانڊيو، شاهد لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مٺي ميرپورخاص مين روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، غلام شاهه موري ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، جهمپير ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪري ريلي ڪڍي روڊ تي ڌرڻو هيو ويو، ڪوٽڙيءَ ۾ جسقم جي سڏ تي هڙتال ڪئي وئي، راڻيپور ۾ هڙتال دوران کير بازار، سونارا بازار، ريشم گلي، دستگير بازار ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، ڪوٽ لالو شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، انصاف علي راجپر، ذوالفقار راڄپر، ارمان سنڌي ۽ اسد علي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، چونڊڪو ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، پريالوءِ ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، ميرپورماٿيلو ۾ مڪمل طور شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن فقير رمضان ڪلوڙ، ڪمال مهر، اڪرم ميتلو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي، پڪا چانگ شهر ۾ مڪمل طور شٽر بند هڙتال ڪري ريلي ڪڍي مهراڻ هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، منهڙو ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي، ٻانڌي ۾ شٽربند ھڙتال رهي جڏهن ته مھراڻ ھاءِ وي مڪمل طور بند ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، سڪرنڊ ۾ مڪمل طور شٽر بند هڙتال رهي، سمورا ڪارڳوباري مرڪز بند رهيا، جڏهن ته آصف رضا مگسي، جي ايم زئونر، برڪت جلباڻي، قربان ٻنڀ،  مورڙو ميربحر جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، سٺ ميل ۾ مڪمل شٽربند ھڙتال رهي، شھرين پنھنجو ڪاروبار بند رکيو، مٺياڻي ۾ جسقم جي سڏ تي هڙتال رهي، مورو ۾ مڪمل شٽرن بند ھڙتال رھي، قومپرست تنظيمن جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو، اڪري چودڳي ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪري  شهر جا سمورا مک ڪاروباري مرڪز بند رکياويا، سوڀوديرو ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، راضيديرو ۾ شٽربند هڙتال ڪري ريلي ڪڍي وئي، گمبٽ، ڊرٻ ميهر شاهه ۾ شٽربند هڙتال ڪري ڪارڪنن ڌار ڌار قومي شاهراهه تي ڌرڻا هنيا، کھڙا ۾ شٽر بند هڙتال ڪري ڪارڪنن ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، ڪرونڊي ۾ شٽر بند هڙتال رهي جڏهن ته جسقم ڪارڪنن مهراڻ هاءِ وي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، ٺري ميرواهه ۾ مڪمل طور ڦيٿا روڪ ۽ شٽربند ھڙتال ڪئي وئي، بوزدار وڏا ۾ هڙتال ڪري مير حسن بوزدار، فراز مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، دادلغاري ۾  شٽربند ھڙتال ڪئي وئي، جسقم ڪارڪنن محمد حنيف پتافي، ناظم پتافي، عبدالجبار پتافي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ھنڱورجا ۽ سمي ۾ مڪمل شٽربند ھڙتال رهي، ھالاڻي ۾ شٽر بند ھڙتال ڪري ڪارڪنن پاران قومي شاهراهه تي ڌرڻو ھنيو ويو، ٽنڊو آدم ۾ شھر جا اهم ڪاروباري ۽ تجارتي مرڪز محمدي چوڪ، شاهي بازار، بمبئي بازار، ڪلاٿ مارڪيٽ، سونارڪي بازار، لوهار گلي، موبائيل مارڪيٽس، مڇي مارڪيٽ، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جا دڪان بند رهيا، ڪنڊيارو ۾ شٽر بند هڙتال ڪري هارون ڪلهوڙو، سلطان گهانگهرو، ماجد ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو، ڦل ۾ شٽر بند هڙتال بعد ڦل ٿاڻي اڳيان روڊ بلاڪ ڪري گلزار ڀنڀرو، ڪامريڊ اسد ملاح، علي خان وڳڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ڄام صاحب ۾ مڪمل طور شٽر بند هڙتال رهي، جڏهن ته جسقم ڪارڪنن شهر ۾ گشت ڪري ٽرانسپورٽ بند ڪرايو، قاضي احمد ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ڪري گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، نوان جتوئي ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال رهي ۽ شھر جون سڀ مارڪيٽون بند رهيون، کپرو ۾ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ ھڙتال ڪري مک روڊن تي ٽائرن کي باھيون ڏئي ڌرڻا هنيا ويا، دوڙ ۾ شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي، دريا خان مري ۾ شٽربند ۽ ڦيٿاروڪ هڙتال رهي، جڏهن ته قومپرست ڪارڪنن امام بخش عمراڻي، ثنا شر، عرفان مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو، پڊعيدن ۾ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي جنهن ۾ شھر جا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا، ميهڙ ۾ شٽربند ھڙتال ڪري عاشق سولنگي، رحمان مغل ، هاشم رند جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڀٽ شاهه ۾ شٽر بند هڙتال ڪري صدام ڀٽي، علي رضا، احسان شاھ ، احد لاشاري، نياز لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، نيوسعيدآباد سميت ڀرپاسي جي ننڍن وڏن شھرن بکر جمالي، ڀليڏنو ڪاڪا، اڳرو راھو، پنجمورو، ٻاروچو باغ، اول ڇڇڙ، عبدالواحد ٻرڙو، ۾ هڙتال ڪري اشفاق ديشي، دلشاد جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، سن ۾ جسقم جي سڏ تي شٽر بند ھڙتال ڪري  شھر جي مين چوڪ کان تراب شاھ،، عطاءَ الله شاھاڻي، حسنين شاھ،  انور مڱڻھار مير شاھاڻي ۽ اياز خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ 2 ڪلو ميٽر مارچ ڪيو ويو، فريدآباد ۾ ڪاروبار بند ڪري وزير سولنگي، ڪي ڪي خاصخيلي، امتياز بروهي،شفيق احمد چنا،  انقلابي مشتاق چانڊيو ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ھالا ۾ سنڌو درياءَ مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ خلاف جسقم جي سڏ تي شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ ھڙتال ڪئي وئي، ڳڙهي خيرو ۾ جسقم جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪري ديدار عمراڻي، وحيد راھي، منصور ٻٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي بيگاري پل وٽ ڌرڻو هنيو ويو، ٺل ۾ جسقم جي سڏ تي شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، وسيم قريشي، مامو شمن سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي رهبر چوڪ تي ڌرڻو هڻي جيڪب آباد روڊ بلاڪ ڪيو ويو، ميروخان ۾ ڦيٿاروڪ ۽ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، صفدر تنيو، ڪامريڊ محمد حسن جتوئي، رميز جتوئي، علي رضا لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، باقراڻي ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪري ڪامريڊ الله بخش چانڊيو، منصور عباسي، صفر چانڊيو، اياز لاشاري، عبدالغفار ڪلهوڙو، ڪاشف ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، رتيديري ۾  شٽربند هڙتال ڪري مومن سمون، روشن جويو، سجاد خاصخيلي، آصف اوڍو، ڪمانڊو جلباڻي،  علي رضا عارباڻي، انصار چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، وڳڻ ۾ شٽربند ھڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته مختيار پنھور، جي ايم وڳڻ، ڪامريڊ غلام حسين مغيري، علي جان، ڪامران پنھور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، نصيرآباد ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري بشير باغي، فرحان سنڌي، ضياءُ مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جي ايم سيد چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو، ڏوڪري ۾ شٽربند ھڙتال ڪري رُڪ سنڌي، مظھر گلال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ چنا پل تائين 2 ڪلو ميٽر مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته سنڌ واسين ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ بند رکي ڪئنال رٿا خلاف ريفرنڊم ڏئي ڇڏيو آهي، وفاق تيل، گئس، ڪوئلي ۽ ٻين قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ بعد پاڻي کسي رهيو آهي، ڪئنال رٿا خلاف جاري جدوجهد ۾ اڃا به تاريخي لاڙا ڏسڻ لاءِ ملندا، سنڌي ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندا.