ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندن وٽان) سکر ۾ درياءَ سنڌ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سيڊ اينڊ پيسٽي سائيڊ ايسوسيئيشن پاران روهڙي ريلي ڪڍي سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ شهيد ڀٽو، شيعا علماءَ ڪائونسل، ۽ ٻين پارٽين پاران الڳ الڳ ڌرڻا هنيا ويا  تڪراري ڪئنالن خلاف سانگهڙ م شيعا علما ڪائونسل طرفان شهيد بچو بادشاهه چوڪ کان ريلي ڪڍي شهيد پيرو وزير چوڪ ۾ احتجاج ڪري وفاقي حڪومت خلاف نعاري بازي ڪئي وئي نوشهروفيروز ۾ بيت المقدس جي موقعي تي اسرائيل ۽ سنڌوءَ مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ خلاف اصغريا آرگنائزيشن پاران ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي مجاھد علي مري، غلام شبير ترابي، رضوان ڪلھوڙو ۽ ٻين ڪئي هنڱورجا لڳ ڳوٺ ملهيراڻي سولنگي ۾ هزارين رهواسين ڳوٺ کان قومي شاهراهه تائين 3 ڪلوميٽر پيادل مارچ ۽ ڌرڻو ذاڪر حسين سولنگي . امداد حسين سولنگي غلام حسين چانگ، جمال محمود کهڙو، بشير لنڊ  جي اڳواڻي ڌرڻو هنيو ويو،ٺري ميرواھ فلسطيني عوام مٿان اسرائيل جي بربيت سميت سنڌو درياھ مان نڪرندڙ تڪراري ڪئنالن خلاف وحدت المسلمين ۽ شيعا علما ڪائونسل پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب ٺري ميرواھ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو، ڪنب جي يوسي جھنڊو مشاخ ۾ سول سوسائٽي پاران سچل راڄپر سراج ڄامڙو اڪبر شاھاڻي بشيروساڻ  نديم شيخ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علي بحرواھ کان درگاھ جھنڊو مشاخ لڳ مھراڻ ھاءِ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٽنڊي ڄام ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران اڳوڻن جان محمد جوڻيجو، ممتاز سراز، نور ﷲ مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي،ڀٽ شاھ  ۾ چوھاڻ اتحاد ڀٽ شاھ جي صدر صادق علي چوھاڻ، محمد جمن چوھاڻ ،اسد علي چوھاڻ، ياسين چوھاڻ، احسان چوهاڻ ،جبار چوھاڻ، تصوير چوهاڻ، گدا حسين چوھاڻ، شفقت علي چوھاڻ، منير احمد چوهاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ميھڙ ۾ ميھڙ بار ايسوسيئشن پاران نائين ڏينھن به ڪئمپ قائم ڪري وڪيلن علي انور ساھڙ، سعيد پنھور ، دادو ڊسٽرڪٽ بار جي صدر عبدالخالق ٻگھيو  لاڙڪاڻو ھاءِ ڪورٽ بار جي جوائنٽ سيڪريٽري وڪيل عابد ڪلھوڙو ، ظھير ناريجو ، رياض مھيسر ، مجتبي ملڪ ، باسط بروھي ، وڪيل منور جتوئي ۽ ٻين احتجاج جاري رکيو ويو، راڌڻ وليج کان راڌڻ اسٽيشن تائين سول سوسائٽي طرفان صابر راڌڻ زاھد سومرو، آزاد قاضي، عبدالحميد لاشاري، علي شير جوڻيجو، ايڊوڪيٽ مصري جانورر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽي ڪلوميٽر پيدل مارچ ڪيو ويو ،خيرپور ناٿن شاهه ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ماھ نور ملاح، ايڊووڪيٽ نجيب الرحمٰن مهيسر، ڪاشف ملاح، بختاور ملاح، بخت حسين ٻرڙو، مختيار بروهي، مهر النسا لغاري فرزانه سومرو، شاهده جوکيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ريلي ڪڍي وئي. کھڙا ۾ يوم قدس جي آزاديءَ ۽ سنڌو درياهه مان ڪئنالون ڪڍڻ خلاف  انجمن ضياع جعفريه پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،ڪنري ۾ ھندن جي مرشد پير پٿورو جي ميلي ۾ پيادل جٿي جي صورت ۾ ويندڙ پانديئڙن پاران جيوڻ ساگر، نهال ڪمار، درگاھ داس، ڊاڪٽر هر لال امر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي وئي.ٽنڊوباگو شھر جي سمورين مسجدن ۾ جمع نماز جي خطبن ۾ مولوين ۽ عالمن پاران وفاقي حڪومت پاران سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئينال ڪڍڻ خلاف سخت تقريرون ڪري ڪئنالن کي رد ڪندي مولوي سڌير حسين، مولوي عبدالواحد فاروقي ۽ ٻين مولوين پاران سنڌو درياهه مان نڪرندر تڪراري ڪئنال رٿا کي غير شرعي ۽ غِير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي اڪري چودڳي ۾ سنڌو درياء مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ يوم القدس جي سلسلي ۾ شيعه تنظيمن طرفان مولانايونس رضواني مولوي قربان شر استاد ظفررتڙ  جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، فيض گنج ۾ يوم القدس ۽ ڪئنال اڏڻ خلاف شيعا علماء ڪائونسل پاران مسجد زريته المعصومين کان مولوي محمد رمضان،  فيض علي شاهه، شاهه محمد چانگ جي اڳواڻي ۾  ريلي پڪاچانگ چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،نصير آباد ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران 8 ڪلوميٽر پيادل شارٽ مارچ ڪامريڊ سرتاج چانڊيو شوڪت علي تنيو، عنايت الله تنيو،شفيق ڪانڌڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو.خانپور ۾ وحدت المسلمين پاران مولانا اويس چانڊيو مولانا مظھر عباس طاھر سيٺار عابد آغاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.ڪنڊيارو سياسي سماجي اڳواڻن،  شيعا تنظيمن  پاران الڳ الڳ ريليون ڪڍيون ويون راڻيپور ۾  جسقم، شيعا علماءُ ڪائونسل،  ٻين  عوامي تحريڪ  پاران ريلي  نڪتي،  قاضي احمد ۾ بيت المقدس جي آزادي ۽ وفاق پاران سنڌو درياءُ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف شيعا علماء ڪائونسل تعلقا قاضي احمد پاران مولانا عطا حسين چانڊيو،زوار جاويد راھو،  سيد مشتاق شاھ. ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي نئون آباد شهر ۾ فلطسين ته ٿيندڙ ظلم ۽ سنڌو درياه مان نڪرندڙ 6 تڪرار ڪنالن خلاف مسجد ابوطالب کان پريس ڪلب نئون آباد تائين ريلي ڪڍي وئي .