لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي وزيراعظم پاران تڪراري ڪئنالن واري منصوبي تي ڪم بند ڪرڻ واري اعلان تي سڄي سنڌ جي سڀني ضلعن کان وٺي تعلقي سطح تائين مسلسل 3 ڏينهن شڪراني طور ريليون ڪڍڻ ۽ جشن ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو پاران ڪيو ويو آهي. هن چيو آهي ته وزيراعظم ۽ وفاقي حڪومت پاران تڪراري ڪئنالن واري منصوبي تي ڪم بند ڪرڻ جو اعلان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي عوام جي موقف ۽ جدوجهد جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي سڄي سنڌ ۾ ضلعن ۽ تعلقي سطح جون سڀ تنظيمون، عهديدار ۽ ذميوار اڄ جمعي ڏينهن کان وٺي مسلسل 3 ڏينهن سنڌ جي سڀني ضلعن ۽تعلقي سطح تي ڪئنالن واري منصوبي جي خلاف پيپلز پارٽي جي موقف جي ڪاميابيءَ تي شڪراني واريون ريليون ڪڍن ۽ جشن ملهائين. هن چيو ته اڄ 25 اپريل تي سکر وارو جلسو پيپلز پارٽي جي موقف جي ڪاميابيءَ تي شڪراني جي اظهار واري جلسي طور ملهايو ويندو. هن چيو ته تڪراري ڪئنالن واري منصوبي جي خلاف پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي عوام جي جدوجهد جي ڪري وفاقي حڪومت کي سنڌ جو موقف تسليم ڪرڻو پيو آهي ۽ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت سي سي آءِ ۾ به سنڌ جو ڀرپور ڪيس وڙهندي.