ڪراچي(نمائندن وٽان) ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج ، ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون، مظاهرا، مارچ ۽ ڌرڻا هنيا ويا، ان ڏس ۾ مليل رپورٽن موجب مٽياري ضلعي جي سمورين عدالتن ۾ وڪيلن پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ٻاهران پيرل مجيداڻو، ظهير سومرو، قاضي اخلاص، ڪريم داد هڱورو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڄامشورو ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن يونيورسٽي جي مک گيٽ سامهون انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ڌرڻي جي اڳواڻي شاگرد اڳواڻ علي شنباڻي، فرمان شاھ،غني امان چانڊيو ۽ ٻين ڪئي، حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ تحريڪ پاران درياءَ تي ڌاڙي ۽ کنڀي گم ڪيل ماڻھن جي بازيابي لاءِ بک هڙتال جاري رهي . ٽنڊوڄام ۾ نوجوان اتحاد پاران بشير احمد ڀٽو، عظمت حسين ابڙو، امداد ويسر، رقيب ڄامڙو، سرمد موريو، شبير سنڌي، عبدالله ويسر جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي وئي،هالاڻي ۾ جاني شاهه، لالا حسن پٺاڻ، خالد ميمڻ، مظفر عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڀرياسٽي ۾ جسم جي ڪارڪنن عرفان ڏاھري، خليل شر، نعمان ٻٻر، نور محمد شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو،ميرپوربٺورو ۾عوامي تحريڪ طرفان علي محمد پرويز، ساگر مجيد پرھياڙ ، عزيز ميمڻ، مجاھد مالھيو نواز ڏيٿو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جيلاني سم نالي کان بدين سجاول اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو. اوٻاوڙو ۾ جست جي سورهيه سنڌي، جسقم جي رمضان ڪلوڙ، مير ساگر سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ پنجاپ دنگ ڪمون شهيد وٽ ڌرڻو هڻي قومي شاهراهه بند ڪيو ويو،گمبٽ ۾ شهرين، سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ممتاز ميمڻ، زاهد شنباڻي، محبت شنباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو، فيض گنج ۾ مختلف سياسي سماجي تنظمين پاران ريلي ڪڍي مهراڻ هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، جڏهن ته اڄ پڪا چانگ شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڪنڌرا ۾ وڪيل اڳواڻ فياض خميساڻي سول سوسائٽي جي اڳواڻن سان گڏ پھچي سم نالي وٽ روڊ بلاڪ ڪري ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ڪنڌرا، خيرپور توڙي سکر ڏانھن ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون،نئون ڪوٽ ۾ ٽيل آبادگار ايسوسيئيشن طرفان 22 ميل موري کان خواجه چوڪ تائين ارباب انور جبار، ارباب عمران، محمد يوسف راجپوت، موسي احمداڻي، اياز کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 3 ڪلو ميٽر مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ٺٽو ۾ پاڪستان سني تحريڪ ٺٽي طرفان سائينڏنو عرف نانا گندرو، مولوي عبدالواحد جت، پاڪستان سني تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري عبدالعزيز ڪنڀار ۽ سنڌ ملاح فورم ٺٽي جي اڳواڻ محمد خان ملاح جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ميھڙ ۾ بار ايسوسيئشن پاران وڪيل منور جتوئي ، وڪيل سعيد پنھور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عدالتي ڪارواين جو مڪمل طور بائڪاٽ ڪري 23 ڏينھن به احتجاج جاري رکيو ويو،شهدادڪوٽ ۾ ٻئي ڏينهن به جي يو آءِ طرفان ريلي ڪڍي شمس الدين، عبدالرزاق مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. باڊهه ۾ شهيد ڀٽو جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شھرين پاران فدا تنيو، ستار جاگيراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. شهدادڪوٽ ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي، ڌرڻي جي اڳواڻي وهاب پندراڻي ڪامريڊ حيات تنيو، رميز راجا تنيو، شبير مگسي، الهداد خشڪ، قاسم سومرو، صدر قريشي، مظهر کوسو، اسد سولنگي ۽ ٻين ڪئي. ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سڏ تي انڊس ھاءِ وي گولا موڙ وٽ روڊ تي رڪاوٽون رکي مرڪزي اڳواڻن گلزار سومرو، ڊاڪٽر سومار مڱريو ۽ ضلعي صدر محمد اڪرم باجڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو.ڪئنال سمورا نامنظور، سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور، پاڻي خاطر جھيڙو آ، وفاق توسان جھيڙو آ جا نعرا هنيا ويا. رتيديري ۾ سول سوسائٽي پاران انڊس هاءِ وي تي حبيب سنڌي ، جاويد لاشاري ، ڪمانڊو جلباڻي ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. گڊو ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان ديراموڙ انڊس ھائي وي تي ٻئي ڏينھن به وڪيل برادري سنڌ بار ڪائونسل ۽ ڪنڌڪوٽ بار جي صدر عبدالغني بجرالڻي ۽ بار جي جنرل سيڪيٽري حفيظ چنه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو جاري رکيو ويو، ڌرڻي سبب سنڌ، پنجاب، ۽ بلوچستان جا تمام روڊ رستا بند گاڏين جون پري پري تائين ڊگھيون قطارون لڳي ويون ، اڳواڻي آھن اڳواڻن سنڌ بار ڪائونسل جي اڳواڻ ۽ ڪنڌ ڪوٽ بار جي صدر عبد الغني بجراڻي، صفدر حسين ڪلوڙ، عبدفھيد ٿھيم ۽ ٻين ڪئي.