ڪراچي (نمائندن وٽان) تڪراري ڪئنال رٿا خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليون، پيادل مارچ، مظاهرا، ڌرڻا خبر نوجب پنجاب جي ريگستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ جا سڄاڻ حلقا مسلسل سراپا احتجاج بڻيل رهيا، شهر شهر ڳوٺ ڳوٺ ۾ نعرن جي گونجار رهي، جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي سمورن ضلعن ۾ سياسي، سماجي، مذهبي ۽ قومپرست جماعتن احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهر ڪري ڌرڻا هنيا، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب گولاڙچي ۾ پنجين ڏينھن به ڌرتي ۽ درياءَ بچايو تحريڪ جي سڏ تي امير آزاد پنھور، نظير مرزا، جاکرو نوحاڻي، علي مردان شاھه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾شھيد فاضل چوڪ تي احتجاج ڪيو ويو، ٻئي طرف گولاڙچي ۾ آبادگارن پاران حسن شاھاڻي، ظفرالله جمالي، عثمان جت، زبير چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مورجھر کان فتح آباد تائين ڇھه ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو، سنڌڙي ۾ قديمي ڳوٺ سمون جوڻيجو جي رهواسين جيئرام داس، اٻوجھو، حسيب ڪانھيو، سانگي، شبير ڪنڀر، حبيب الله ڪانھيو، لاکو ڀيل، شڪيل شر جي اڳواڻي ۾ نوجوانن، بزرگن ۽ ٻارڙن سنڌڙي مين چوڪ تان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو، جهڏو ۾ آبادگار ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ بگي مائنر جمڙائو ڪئنال جي آبادگارن اياز کوسو، جليل انڙ، پهلاج ڪولهي، معشوق لغاري، نياز کوسو، رسول بخش کوسو ، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايريگيشن آفيس کان وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي سڄي شهر جو گشت ڪري مين مٺي ميرپورخاص روڊ تي ٽائون ڪميٽي وٽ ڌرڻو هڻي سخت احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي. ڪوٽ غلام محمد ۾ عوامي تحريڪ طرفان ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، ڊاڪٽر دلدار لغاري، نورمحمد خاصخيلي برڪت شر طالب جروار، شاعر يوسف سولنگي، ايڊوڪيٽ اقبال رند، راڻو مل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڏهون ميل ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي سنڌو درياءَ تي ڌاڙي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، حيدرآباد ۾ مختلف ڌرين احتجاجي مظاهرا ڪيا، ان ڏس ۾ گورنمينٽ بوائز ڪاليج قاسم آباد جي شاگردن پاران استاد اڳواڻن ۽ شاگردن عبدالحليم درس، سيد وسيم علي شاھه، محمد اسلم کوسو، قمرالنساءُ، امان الله دائيداڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، سنڌ پروفيسرز اينڊ ليڪچررز ايسوسيئيشن سنڌ جي مرڪزي صدر پروفيسر منور عباس جي سڏ تي سڀني گرلز ۽ بوائز ڪاليجن ۾ احتجاج ٿيو. ٽنڊوالھيار جي ڳوٺ غلام حسين لنڊ مان شاگرد اتحاد جا نوجوان امير علي ميراڻي، ارشد ٿيٻو، آذان لنڊ، شاهد لنڊ، معشوق لنڊ، حسين گهمراڻو، ايم ڪي سنڌي، يامين خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب پھتا، خيرپورناٿن شاهه ۾ ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي سڏ تي چيئرمين قادر چانڊيو، آفتاب گاڏهي، ذولفقار چانڊيو، محبوب چانڊيو، منور کوکر جي اڳواڻي ڪارڪنن علمدار چوڪ کان هٿن ۾ پارٽي جهنڊا بينر کڻي ٻه ڪلو ميٽر احتجاجي پيادل مارچ ڪري ڳوٺ ڪريم داد لنڊ سامهون انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، ٽنڊي ڄام ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي استادن رميش ڪمار راٺي، غلام مرتضي ڪليري، غلام علي دستي، احسان علي لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، سنجرچانگ ۾ سول سوسائيٽي آبادگار ۽ قومپرست پارٽي جي ماڻهن خادم حسين سدو، عمران نونداڻي، زاڪر اوٺو، شاھنواز خاصخيلي، مهتاب علي، رفيح والا جي اڳواڻي ۾تاج موري کان سنجرچانگ تائين ريلي ڪڍي وئي، ڀٽ شاھه ڀرسان کنڊواسٽاپ تي جي يو آءِ ۽ هيومن رائيٽس پروٽيڪشن اينڊ سوشل جسٽس پاران مولانا اسد الله کهڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، شيخ ڀرڪيو ۾ سول سوسائٽي شهرين قوم پرست اڳواڻن بابو اورنگزيب شيخ، قاضي خان راهمون آغا جانب ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، اڏيرولال اسٽيشن لڳ ڏھه دري موري ۾ مظھر جت، سليم بڙدي، محمد اڪرم جت، سليم ساگر سنڌي، محمد کوسو ۽ فرقان درس، اعجاز خشڪ ۽ ٻين ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ٿيو، سانگهڙ ۾ سپلا پاران گرلز توڙي بوائز ڪاليجن ۾ ممتاز لغاري، دين محمد بڙدي، حاجي امداد لغاري، بلقيس لغاري، سروت، پروفيسر زينب، پروفيسر علي احمد هڱورو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٺري ميرواهه ۾ اسٽوڊنٽس رائٽس ڪائونسل طرفان آصف شر، قدير احمد شر، جواد شر، امير بخش منگي، ڊاڪٽر غلام حيدر ڦل، عابد شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 10 ڪلوميٽر مارچ ڪري مهراڻ هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪيو ويو،گمبٽ ۾ ڊگري بوائز ڪاليج جي پروفيسرز، شاگردن ۽ گمس ايمپلائيز جي جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي پاران احمد علي کهڙو، رياض سومرو، ڊاڪٽر مجيب ڀنڀرو، ڊاڪٽر شاهد جوڻيجو، غلام شبير شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون، راڻيپور ۾ سچل سرمست ڊگري ڪاليج ۽ گورنمنٽ گرلس ڊگري ڪاليج راڻيپور ۾ پروفيسرن ٻانھن تي ڪاريون پٽي ٻڌي مختيار چنا، امراهه ڀنڀرو، شبانا عباسي، غلام محمد ملاح، واجد علي منگي، بشير جانوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ٺاروشاهه ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران حمز علي چانڊيو، سيد آصف مھدي شاھ، شڪيل گھانگھرو، حبدار ميربحر، عالم بالادي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ۽ ڌرڻي جا دعوتناما ڏنا ويا، فيض گنج ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن عبدالقدير شر، ڪامران چانگ، صدام شر، عطاءُ الله، مزمل چانگ، عدنان، جمن چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،رتيديري ۾ سپلا طرفان ملھار سنڌي، شمس الدين ساريو، افتخار احمد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، باقراڻي ۾ ۾ پ پ طرفان طارق انور سيال، نعيم اختر شاهه راشدي، رياض حسين شاهه، عبدالرحمان جتوئي، جان محمد بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ وڪيلن، استادن، شاگردن، شاگردياڻين سميت مختلف تنظيمن جي اڳواڻن طرفان ڌار ڌار ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، احتجاج جي اڳواڻي تاج جويو، منظور علي منگي، ايڊووڪيٽ اطهر عباس سولنگي، ايڊووڪيٽ عبدالستار هليو، ملھار سنڌي، لعل بخش ڪلھوڙوپروفيسر شبانه ميراڻي، پروفيسر شاھده لاڙڪ، بلاول عباسي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. وڳڻ ۾ ورڪنگ جرنلسٽس جي سڏ تي عباس علي مغيري، قاري محمد عثمان مغيري، نادر ممتاز ڀنڊ، مختيار پنھور، احسان ٽوٽاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين چوڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، غوثپور ۾ ايس يو پي، ايس ٽي پي ۽ قومي عوامي تحريڪ طرفان دراوڙ صفي لاشاري، مجيب اوڳاھي، معشوق ڀيو، سليم شاھه، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو.