قمبر (رپورٽر) قمبر جي ڳوٺ صاحب خان ڳورڙ جي رهواسين سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف لائوڊ اسپيڪر گاڏي تي رکي ڳوٺ کان 5 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو، ڳوٺاڻن اظهر ڳورڙ، غلام حيدر ڳورڙ، وزير علي مغيري،سجاد هليو، صابر بروهي ۽ ٻين چيو ته پنجاب سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي، درياهه جو پاڻي چورائي پنهنجون غير آباد زمينون آباد ڪري سنڌ جون سرسبز زمينون بنجر بڻائي سنڌي ماڻهن کي موت جي منهن ڏيڻ جي سازش ڪئي آهي، پاڻي اسان جي روزگار جو ذريعو ۽ جياپو آهي، وفاق تڪراري ڪئنالن وارو منصوبو واپس وٺي.