“تڪراري ڪئنال رد ٿي ويا”: وفاقي حڪومت پاران نوٽيفڪيشن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش

0
31
“تڪراري ڪئنال رد ٿي ويا”: وفاقي حڪومت پاران نوٽيفڪيشن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش
“تڪراري ڪئنال رد ٿي ويا”: وفاقي حڪومت پاران نوٽيفڪيشن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش

ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تڪراري ڪئنالن جي اڏاوت، ارسا جي جوڙجڪ ۽ چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي جي دستيابي وارو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت تڪراري ڪئنال رد ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن پيش ڪري ڇڏيو، ٻڌڻي دوران ارسا جا نمائندا، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ پٽيشنر جو وڪيل  بيرسٽر ضمير گهمرو ۽ ٻيا پيش ٿيا، وفاقي سرڪار طرفان ايڊيشنل اٽارني جنرل رپورٽ پيش ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت سي سي آءِ جو اجلاس گهرائي تڪراري ڪئنالن واري منصوبي کي رد ڪيو آهي، انهي اجلاس ۾ ارسا چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي جي دستيابي واري جاري ٿيل سرٽيفيڪيٽ جو نوٽيفيڪشن به رد ڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ ارسا ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ وفاقي ميمبر به ڪجهه ڏينهن ۾ مقرر ٿي ويندو، هوڌيڪ چيو ته  هاڻ ڪو ڪئنال چئني صوبن جي گڏيل راءِ سان ٺهي سگهندو، آئينده سمورا معاملا گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ئي منظور ٿيندا، اهڙي ورندي بعد عدالت سنڌ مان ارسا جي وفاقي ميمبر جي مقرري بابت 22 مئي تي رپورٽ  طلب ڪري ورتي.