قمبر(رپورٽر) قمبر ۾ قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڻي سنڌي ماڻهن جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ سنڌي ماڻهن لاءِ ڊيٿ وارنٽ جاري ڪرڻ جي برابر آهي، سٺي ڳالهه آهي جو سنڌ جو عوام پاڻ مرادو بغير ڪنهن مذهب يا ذات جي فرق جي زندگي جي حاصلات لاءِ نڪري احتجاج ڪري رهيو آهي، ٻئي پاسي سرڪار ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت وڏن شهرن جون قيمتي زمينون سگهاري قوتن حوالي ڪرڻ بعد سنڌ جي مختلف ضلعن جون زمينون وڪرو ڪري رهي آهي، هن چيو ته پ پ عوام سان ڊرامو ڪري رهي آهي، سنڌ جو عوام کين سڃاڻي ويو آهي. هن چيو ته جسقم طرفان تڪراري ڪئنال رٿا خلاف احتجاج ڪري ڌرڻا هنيا ويا، 10 اپريل کان 20 اپريل تائين ڪراچي پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئي ويندي. وفاقي سرڪار طرفان تڪراري ڪئنال رٿا وارو فيصلو واپس وٺڻ جو نوٽيفڪيشن ڪڍڻ تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.