ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڪئنال رٿا ختم ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي، مليل ڄاڻ موجب حيدرآباد ۾مزدور يونين ۽ ريلوي انقلابي يونين ڪراچي پاران سنڌو درياھ تي ڌاڙي پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ميهڙ ۾ ھاءِ اسڪول قاضي عارف جي شاگردن نديم چانڊيو ، فراز احمد ، ضرير علي ، الطاف چانڊيو ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو، ميروخان ۾ شاگرد يونين جي سڏ تي ريلي ڪڍي وئي اسٽوڊنٽ ويلفيئر ايسوسئيشن جي سڏ تي ڊگري ڪاليج ميروخان جي شاگردن پاران ڪاظم ميمڻ، عاطف ڪلهوڙو، عذير تونيو قرار وڌو ۽ معظم تونيو جي اڳواڻي م هٿن ۾ بينر کڻي ڀٽو پمپ کان عرضي ڀٽو چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڪئنال سمورا نامنظور ،درياءَ تي ڌاڙو نامنظور ،تعليم کپي تالا نه کپن جي نعرن جي نعريبازي ڪئي وئي، باڊھه ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران درگاھه چوڪ کان ريلي ڪڍي حيدر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهنن جي اڳواڻي گلزار سومرو ، احمد نواز بروهي ،اصغر نوناري ، عالم بروهي ۽ ٻين ڪئي ڳڙهي خيرو ۾ نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي شاگردن جو امتحاني سينٽر ٻاھران تڪراري ڪينالن جي تعمير خلاف جاويد جمالي ، ديدار عمراڻي ، مظفر بليدي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو،بهرام ۾ ذاڪر حسين، آصف شريف، خورشيد، نظرمحمد، فداحسين، سيد پرواز حيدر، الطاف حسين شاهه، عبدالله، محمد ابراهيم، ناصر محمود ،ساجد علي، ممتازعلي، غلام ياسين، علي مراد، ظفرحسين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، نواب ولي محمد ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي رفيق ملاح، حاڪم انڙ، قربان مھڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي شاميانا هڻي 5 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، محرابپور ۾ صحافين جاني شاھ، قاضي اياز عالم، عبدالرزاق لاشاري، آصف سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، جمال شاهه ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن علي بخش لغاري، امداد ڏاھري ۽ علي حسن جمالي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، خانپور ۾سنڌ عوامي سٿ جي سڏ تي مھر ڊٻائي، رياض کيمٽيو، ولي الله پھوڙ، سماجي اڳواڻ امان الله پھوڙ، ديشي عبدالقادر پھوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڪوٽڙي ۾ کدڙا فقير روڊن تي نڪري آيا، سنڌو درياءُ تي پهچي مور وارو رقص ڪري احتجاج ڪيو، هوڏانهن ميهِڙ بار ايسوسي ايشن پاران تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاج جو سلسلو جاري رهيو، ان موقعي تي ڌرتي ڌڻين مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سنڌ دشمن منصوبورد ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي .