تڪراري ڪئنالن خلاف سڄي سنڌ ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ

0
44

ڪراچي: سنڌو درياهه تي تڪراري ڪئنال اڏڻ خلاف سڄي سنڌ ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ جاري آهي، سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي وڪيلن سنڌ هاءِ ڪورٽ جا گيٽ بند ڪري احتجاج ڪيو، وڪيل اڳواڻن جو چوڻ هو ته تڪراري ڪئنالن خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي، حڪومت کي ڏنل مهلت اڄ پوري ٿيندي، نوٽيفڪيشن نه نڪرڻ جي صورت ۾ ريلوي ٽريڪ بند ڪيو ويندو