ڪراچي (نمائندن وٽان) تڪراري ڪئنالن خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج، شهرن توڙي ڳوٺن ۾ مظاهرا، ريليون، مارچ ۽ ڌرڻا، ان ڏس ۾ ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ وڪيلن تڪراري ڪئنالن خلاف پنجين ڏينهن به مڪمل هڙتال ڪئي، بائيڪاٽ سبب ڪو به وڪيل عدالتن ۾ پيش نه ٿيو, صرف ججن ۽ وڪيلن لاء هڪ گيٽ کوليو ويو, جيل پوليس پاران قيدين کي به عدالتن ۾ نه آندو ويو، هوڏانهن وڪيلن ايم اي جناح روڊ تي ڌرڻو هنيو، هوڏانهن ملير ۾ مين نيشنل ھاءِ وي تي لڳل ڌرڻو چوٿين ڏينھن به جاري رهيو، جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳل هيون ڌرڻي کي ملير بار جي صدر ارشاد شر، اياز چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪيو ، حيدرآباد ۾ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سنڌ ۽ ضلعي حيدرآباد پاران سنڌو درياءَ تي تڪراري ڪئنال۽ ڪارپوريٽ فارمنگ روڪڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب سامهون ڊاڪٽر آغا تاج، ڊاڪٽر سڄڻ ھاليپوٽو،ڊاڪٽر بشيرخاصخيلي ،ڊاڪٽر نظر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي. شھدادڪوٽ ۾ شهرين طرفان الهداد خشڪ، حمل خشڪ، فياض مگسي، غلام رسول ڊومڪي، عبدالغني بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. مٽياري ۾ ايس ٽي پاران مرڪزي وائيس چيئرمين نثار ڪيريو . جنرل سيڪريٽري ھوت خان گاڏھي . عبدالحميد ميمڻ . قادر چنا . ڊاڪٽر سومار مڱريو . ڄام شوڪت ابڙو . عبدالحڪيم نوحپوٽو . موسا لڙڪو جي اڳواڻي ۾ کيبر قومي شاهراھ تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪئي وئي، جنهن سبب گاڏين جو وڏيون قطارون لڳي ويون نٽھڻ اس ۾ ھزارين ماڻھن جا ڪئنالن خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندا رهيا. ٻئي پاسي مٽياري ۾ پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد پاران اڳوڻن شاداب خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نصرپور چوڪ کان مٽياري پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو.قمبر ۾ سبزي منڊي جي واپارين ۽ مزدورن محمد اسلم ڪلال، عامر لاکو، رياض ڪنڀر، جاويد مغيري، بلاول گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ دي ونڊر فل يوگا ڪلب طرفان امتياز علي کوکر، ميان بدر موريو، نعيمت الله کهاوڙ، سليم شيخ، ڊاڪٽر صدام چند آهوجا، اجيت ڪمار، غلام عباس، ڊاڪٽر علي مصطفي ڌاريجو، ثناءُ الله سولنگي، رياض احمد، ايڊووڪيٽ نصرالله ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.جيڪب آباد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو پاران نور محمد منجهو، عبدالسميع سومرو، رياض لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو.ڪنري پ ٽ الف جي سڏ تي استادن ۽ شاگردن نذير معاويه، ولي محمد ڪپري، اشرف درس، ڌرمداس اڻکيه، ڀڳوان داس ڀاونا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قاضي سلطان پرائمري اسڪول کان ريلي ڪڍي، ريلي شھر جو گشت ڪرڻ بعد نيشنل پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو گهارو ۾ مهيشوري برادري مکي بابن آشواڻي ۽ لال مهيشوري ۽ پنهون مهيشوري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو،ڌاٻيجي ۾سنڌ ترقي پسند پارٽي غفار جوکيو ،شاھنواز شيخ ۽ ٻين اڳواڻي شهر کان رڪشا ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو، ٽنڊي ڄام ۾ حيدرآباد_ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو هڻي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، پي ٽي آئي اڳواڻ حاجي خاوند بخش جهيجو جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد ميرپورخاص روڊ ڏيٿا اسٽيشن وٽ ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي ۾ سوين جي تعداد ۾ پي ٽي آئي اڳواڻن، سياسي سماجي تنظيمن سميت ٻين ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. ڪوٽڙي سائيٽ ۾ ڀاڄين ۽ ميون جا ريڙها هلائيندڙ پورهيتن ۽ ايس يو پي خالد لاشاري، عبدالرزاق رند، مير مرتضيٰ رند، عبدالغفار رند ۽ گلشير علي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پوپٽ خاصخيلي ڳوٺ کان ريڙهن سان ريلي ڪڍي ٻٻر چونڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ميھڙ جي ڳوٺ جمعو خان ڪانڌڙو ، ڳوٺ احمد خان ڪانڌڙو کان ميھڙ بار جي جنرل سيڪريٽري منور جتوئي ، اياز ڪانڌڙو، صدام ڪانڌڙو، فيروز، شھباز ڪانڌڙو جي اڳواڻي ۾ ٻيٽو جتوئي تائين مظاھرو ڪري 5 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو ، ٻئي طرف ٿرڙي محبت جي مين پرائمري اسڪول جي شاگردن ، استادن طارق سومرو ، ثناءُالله سميجو ، مزمل ناريجو ، الله جڙيو لاشاري ، دادن خاصخيلي ، تميزالدين ناريجو، فدا حسين ، جواد ۽ جنيد ناريجو جي اڳواڻي ۾ پرائمري اسڪول کان ٿرڙي محبت جي مک چانڊيه چوڪ تائين ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو. ھوڏانھن ميھڙ بار ايسوسيئشن پاران پنجين ڏينھن به سمورن عدالتي ڪارواين جو بائڪاٽ ڪيو ويو عدالتي ڪارواين جي بائڪاٽ سبب حاضري تي آيل ماڻھو تاريخون ملڻ سبب واپس ٿي ويا جڏهن ته ميھڙ بار ايسوسيئشن پاران اصغر پتوجو، سعيد پنھور ، دادو بار جي صدر عبدالخالق ٻگھيو، محمد علي ڪانڌڙو، شير علي چانڊيو ۽ ٻين وڪيلن پاران 27 ڏينھن به ميھڙ ڪورٽ اندر ڪئمپ قائم ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. مسوڀرڳڙي لڳ غلام حيدر جويو م آبادگارن ۽ هارين آبادگار اڳواڻ امداد علي جويو، غلام قادر وسير، اعجاز جويو، سڪندر علي ڪوريو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي منصوبي خلاف سخت نعريبازي ڪئي . اڏيرولال اسٽيشن جي صالح شاهه موري تي مقامي شهري، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن پاران ايڊووڪيٽ غلام سرور، عاطف ساھووال، سجاد ساھووال، فرقان درس ۽ اعجاز خشڪ جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ٽنڊوالهيار، مٽياري، شاهپور چاڪر، نصرپور، ٽنڊوآدم ۽ ڀرپاسي وارن علائقن سان رابطي لاءِ اهم شاهراه تي ٽريفڪ مڪمل طور تي معطل ٿي وئي. کورواهه ۾ عوامي تحريڪ طرفان عبدالستار رند، علي محمد پرويز ميمڻ، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ساجده پرهياڙ، مهراڻ درس، حنيف چانڊيو، ايڊووڪيٽ خليل درس، سنڌي دلدار نوحاڻي، جميل ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.ماتلي ۾ ڳوٺ صديق سومرو جي سومرا برادري غلام حسين سومرو، مبارڪ سومرو ۽ اسحاق ڏنگڻو جي اڳوڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، رتيديري ۾ وڪيل برداري جي حمايت ۾ ستين ڏينهن به سول سوسائٽي پاران انڊس هاءِ تي ڌرڻو جاري رهيو، جنهن ۾ ڌرڻي ۾ حبيب سنڌي مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڌرڻي جي اڳواڻي حبيب سنڌي ، عبدالرزاق جلباڻي ، اڪبر طاهري ، همٿ جلباڻي ڪري رهيا هئا. نئون ديرو ۾ سول سوسائٽي طرفان شگر مل باءِ پاس تي لڳل ڌرڻو پنجين ڏينهن به جاري رهيو، ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ خالد ڪوري، راحيل ڪلھوڙو، سرتاج شيخ، علي رضا عباسي، عيسيٰ جتوئي، فياض ابڙو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.ٻي طرف حسيني جماعت پاران حافظ شاهد حسين، ممتاز چهواڻ، رجب علي حسيني، علي خان حسيني، امير علي حسيني، عبدالرسول حسيني ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي جنهن ۾ اسڪولي شاگرد به شامل هئا. هوڏانهن پبلڪ پارڪ پاڙي جي رهواسين به الهوڌايو ابڙو، ظهير ڪوريجو شاهزيب شاھ جانب ميتلو شاهزيب سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي. شهدادڪوٽ ۾ ڊومڪي نوجوان اتحاد پاران غلام رسول ڊومڪي مرتضيٰ ڊومڪي عبدالغني بروهي . امجد کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. خانپور ۾ خانپور يوٿ ايسوسيئيشن جي سڏ تي عارف آرائين واجد شاھ مفتي لطف الله بروهي محمد قاسم پٺاڻ محمد علي سيٺار عمر سيٺار نھال ڀنڀرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته پاڻيءَ تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، تڪراري ڪئنالن منصوبو فوري طور تي ختم ڪيو وڃي.