ڪراچي(نمائندن وٽان) تڪراري ڪئنالن خلاف تحريڪ تيز، مشعل بردار ريليون، مظاهرا ۽  ڌرڻا، سنڌوءَ کي گلن جي ڀيٽا، سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻو، عادلپور، صالح پٽ، شهدادپور، ميهڙ، ڪلوئي، واهي پانڌي، خانواهڻ ۾ سياسي سماجي اڳواڻن طرفان ريليون ڪڍي مظاهرا، ان ڏس ۾ سکر ۾ جي ڊبليو سي پاران ناهيد اختر، صفيه بلوچ، ايڊووڪيٽ سندر چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، شڪارپور ۾  قومي عوامي تحريڪ پاران خانپور کان شڪارپور پريس ڪلب تائين 15 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري زاھد ڀنڀرو، ايڊووڪيٽ ظفر چنو، سيد واجد علي شاھ، عمران منگي، سعيد سومرو, عبدالوھاب ڪاغذي، مقصود ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.  واهي پانڌي ۾ عوامي پورهيت تحريڪ جي سڏ تي مرڪزي اڳواڻ غلام رسول لغاري، احمد لغاري، مختياران بيگم برهماڻي، نسيم لغاري ۽ ايس يو پي اڳواڻ غلام قادر لغاري جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ دودو برهماڻي کان واهي پانڌي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،  ميھڙ بار ايسوسيئشن پاران ڏھين ڏينھن به ميھڙ بار جي جنرل سيڪريٽريءَ منور جتوئي ، سعيد پنھور ، آعظم خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميھڙ ڪورٽ اندر ڪئمپ قائم ڪري احتجاج جاري رکيو ويو.  ڪلوئي ۾ سول سوسائٽي پاران ڪامريڊ محمد خان لنڊ، مولابخش لنڊ گووند مهاراج رضا هالو زاهد لنڊ ۽ ٻين پاران  احتجاج ڪيو ويو ،سکر ۾ جي ڊبليو سي پاران ناهيد اختر، صفيه بلوچ، ايڊووڪيٽ سندر چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،عادلپور ۾ واپاري ايسوسيئيشن طرفان  نور حسن چاچڙ، بلي رام، احسان ڪلوڙ، فاروق ڪلوڙ، مولانا سراج چنا، مجيب ڪلوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪئي وئي،صالح پٽ ۾ مختلف تنظيمن پاران عاشق چاچڙ، خليل ملاح، اسد منڱريو، علي رضا شنباڻي، حيدر شنباڻي، احسان مري، قربان گڏاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،شهدادپور ۾ سڄاڻ ڌرين غفار عمراڻي، عديل لغاري، ايس ڪي ڳاھو، وقار لغاري جي اڳواڻي ريلي ڪڍي،خانواهڻ ۾ جسقم پاران نثار عباسي، راجا منگي، پريم ميمڻ، جھانزيب، سونو ڪونڌر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،راڻيپور ۾ وائس آف راڻيپور پاران علي امداد لاڙڪ، شوڪت گھانگھرو، ڊاڪٽر  نذير کوکر، ڊاڪٽر ذاڪر سولنگي، ساجد مڱريو ۽ جبران سرڪي جي اڳواڻي ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي،خانپور ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي واجد شاھ، زاھد ڀنڀرو، مولانا عنايت الله  بروھي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪري احتجاج ڪيو ويو، مارچ ۾ ٻارن به شرڪت ڪئي.اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي ذريعي پھرين مرحلي ۾ لکين ايڪڙ زمين نيلام ڪئي وئي ۽ ھاڻي ان لاءِ پاڻي مھيا ڪرڻ لاءِ   سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي اعتراضن باوجود ۽ ڪائونسل آف ڪامن انٽرسٽ جي منظوري کانسواءِ سنڌو ۽ ان جي سھڪاري درياھن تي 6 اسٽريجڪ ڪئنالن جي تعمير  ڪيا پيا وڃن، ھنن چيو ته چولستان ڪئنال سنڌ لاءِ   سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ آھي، سنڌ انھن رٿائن کي جنگ ۽ پنھنجي وجود تي وار سمجھي ٿي، سنڌو درياءَ  سنڌ جي وجود ۽ تھذيب جو ضامن آھي غير قانوني ڪئنال ٺاھڻ جي ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.