ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ اندر تڪراري ڪئنالن خلاف هلندڙ احتجاجن سبب سنڌ يونيورسٽي انتظاميا لاڳاپيل ڪاليجن ۾ اڄ کان رٿيل سيمسٽر امتحان ملتوي ڪري ڇڏيا آهن، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي اعلان ڪيو آهي ته لاڳاپيل ڪاليجن ۾ اڄ 22 اپريل 2025ع کان شروع ٿيندڙ سيمسٽر امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن. ڄاڻايل فيصلو روڊن ۽ هاءِ ويزن جي موجوده صورتحال ۽ شاگردن جي والدين طرفان وصول ٿيندڙ اپيلن کي نظر ۾ رکي ڪيو ويو. ڪنٽرولر ٻڌايو ته ملتوي ڪيل امتحانن جي نئين تاريخ ۽ شيڊيول جو اعلان صورتحال جي سڌرڻ کان پوءِ ڪيو ويندو. ڪنٽرولر چيو ته اهو قدم شاگردن، سندن والدين ۽ امتحاني عملي جي تحفظ ۽ ڀلائي جي خاطري لاءِ کنيو ويو آهي.