ڀٽ شاھه(ن پ ا) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي مٽياري ضلعي جو اجلاس کنڊو ۾ مرڪزي ڊپٽي محمد رمضان ٻرڙو، سڪريٽري جنرل سڪريٽري امير علي ٿيٻو جي صدارت ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ مٽياري ضلع جي تنظيم ته  غور ويچار ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته تڪراري ڪئنالن  بابت سي سي آءِ جو نوٽيفڪيشن غير آئيني آهي، تڪراري ڪئنالن  جو منصوبو عارضي طور ملتوي ٿيو آهي، ڪئنالن جي مڪمل خاتمي تائين سيد زين شاھه جي اڳواڻي ۾ تحريڪ جاري رهندي. ڪراچي ۾ سنڌو درياءُ بچايو تحريڪ پاران 11 مئي تي جلسي ۾  ايس يو پي  مٽياري ضلعي پاران ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي، هنن چيو ته مٽياري شهر جي تعلقي اسپتال واپس شهر ۾ بحال ڪئي وڃي، اجلاس ۾ مٽياري ضلع صدر سهيل قريشي، سينيئر نائب صدر شڪور ناز خاصخيلي، ضلع اڳواڻ راجا وزير سنگراسي، فتح نظاماڻي، سينيئر اڳواڻ انور ٻرڙو، تعلقا هالا صدر بهارسهتو، مصري کوکر، اعجاز پٺاڻ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.