تڪراري چولستان ڪينال جي منظوري لاءِ اڄوڪو ايڪـنڪ اجلاس ملتوي: وزيراعليٰ جو ڊار سان رابطو

0
20
تڪراري چولستان ڪينال جي منظوري لاءِ اڄوڪو ايڪـنڪ اجلاس ملتوي: وزيراعليٰ جو ڊار سان رابطو
تڪراري چولستان ڪينال جي منظوري لاءِ اڄوڪو ايڪـنڪ اجلاس ملتوي: وزيراعليٰ جو ڊار سان رابطو

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌو درياهه تي اڏجندڙ تڪراري منصوبي چولستان ڪينال جي منظوري لاءِ رٿيل اڄوڪو ايڪـنڪ اجلاس ملتوي ٿي ويو،  اسلام آباد ۾ رٿيل اڄوڪي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سنڌ جي پلاننگ کاتي کي دعوت ڏني وئي ھئي. جڏهن ته اجلاس ملتوي ڪرڻ بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن  ۾ ڪابينا ڊويزن ڄاڻايو آھي ته اڄ منجھند 2 وڳي ايڪنڪ جو رٿيل اجلاس ملتوي ڪيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ  ته ساڳئي وقت  نيشنل ايڪشن پروگرام جو اجلاس پڻ رٿيل آھي، جيڪو وزيراعظم  جي سربراھي ۾ ٿيندو ھوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار سان فون تي رابطو ڪيو، اسحاق ڊار ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ رکيل ايڪنڪ اجلاس  ملتوي ڪيو ويو آهي جنهن تي وڏي وزير چيو ته اجلاس اچانڪ ملتوي ڪيو ويوآهي، آبپاشي وزير ڄام خان شورو به اسلام آباد پهچي چڪو هو، ذريعن موجب وڏي وزير مراد علي شاهه اسحاق ڊار سان تڪراري ڪينالن واري معاملي تي به ڳالهائيندي چيو ته سنڌ کي ڪينالن تي اعتراض آهن .سنڌ جي مرضي بنا ڪو به نئون ڪينال نه ڪڍيو وڃي،