ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌو درياهه تي اڏجندڙ تڪراري منصوبي چولستان ڪئنال جي فيز ون جي  امڪاني منظوري لاءِ  ايڪـنڪ جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو، اسلام آباد ۾ سڀاڻي 25 نومبر تي رٿيل ايڪنڪ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سنڌ پلاننگ  کاتي کي دعوت ڏني وئي آهي، نوٽيفڪيشن  موجب ايڪنڪ اجلاس وزيراعظم  جي سربراھي ۾سڀاڻي منجھند 2 وڳي وزيراعظم آفيس جي ڪاميٽي روم ۾ ٿيندو، امڪان آھي ته اجلاس ۾ چولستان ڪئنال جي منظوري سميت پنجن مختلف ايجنڊائن تي گفتگو ٿيندي.  واضع رھي ته ايڪنڪ جو اجلاس 19 نومبر تي رٿيل ھو، جيڪو ملتوي ڪيو ويو ھو.