ممبئي (شوبز نيوز)ڀارتي ليکڪ ۽ شاعر جاويد اختر کي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان مخالف بيان ڏيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. جاويد اختر اڳ به پاڪستان خلاف سخت ٻولي استعمال ڪندو رهيو آهي، پر هن ڀيري سندس جنت بابت ڏنل بيان نئين تڪرار کي جنم ڏنو آهي. سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ جاويد اختر هڪ تقريب دوران اِهو چيو ته ” جنت ۾ منهنجا پسنديده ميوا ناهن، ڪيلا ۽ زيتون جيڪي مونکي ڏاڍا وڻندا آهن اِهي جنت ۾ نه آهن.“ سندس ان ڳالهه تي تقريب ۾ ويٺل ماڻهن ۾ ٽهڪڙو مچي ويو، جاويد اختر وڌيڪ چيو ته ممڪن آهي ته منهنجي پسند جا ميوا دوزخ ۾ هوندا، تنهنڪري مان ڪڏهن به جنت وڃڻ جي ڪوشش نه ڪندس. هن بيان جو وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن کانپوءِ ماڻهن جاويد اختر کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. هڪ صارف لکيو ” چئن ماڻهن کي کلائڻ لاءِ هن ماڻهو پنهنجي آخرت خراب ڪري ڇڏي. “ ياد رهي ته ان کان اڳ به هڪ بيان ۾ جاويد اختر چيو هو ته پاڪستاني چون ٿا ته مان دوزخ ۾ ويندس ۽ ڀارتي مونکي دهشگرد قرار ڏيندي پاڪستان وڃڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا، پر جيڪڏهن مونکي پاڪستان ۽ دوزخ مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پئي ته مان دوزخ کي ترجيح ڏيندس.