اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ (فافن) اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو آهي ته ستين آدمشماري جي سرڪاري اشاعت جي نتيجي ۾ شروع ٿيل تڪبندين دوران هڪ جيتري آبادي تي چونڊ تڪ جوڙڻ کي يقيني بڻايو وڃي، فافن اليڪشن ڪميشن کي تجويز ڏني آهي ته ڪميشن سيڪشن (3)20 ۾ شامل ڪيل نئين شرط تي ان جي روح مطابق عملدرآمد جي لاءِ اليڪشن رولز 2017ع ۾ ضروري ترميمون ڪري، ان ڏس ۾ رولز جي قائدي 10 جي ذيلي قائدن 5 ۽ 5 ۾ ترميم ڪرڻ گهرجي ته جئين تڪ بندين دوران آبادي جي فرق کي ضلعي سطح تائين محدود ڪرڻ بدران صوبي جي سطح تي ڏٺو وڃي، فافن اها به تجويز ڏني آهي ته ڪميشن شفافيت کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ تڪبندين جي حتمي فهرست (فارم 7) ۾ آبادي جو تعداد ٻڌائڻ جي لاءِ اضافي خانو به شامل ڪري، فافن تجويز ڏني ته اليڪشن ڪميشن شهرين پاران اعتراضن جي باقاعده ٻڌڻي کان پهرين ان جي ابتدائي جاچ پڙتال ڪري وٺي، تڪبندي شهرين جي وچ ۾ سياسي طاقت جي تقسيم جو هڪ مرڪزي عمل آهي، ان ڪري آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف هجڻ گهرجي.