اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تڪبندين جي معاملي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تڪبندين بابت قائم ڪميٽين کي پنهنجو ڪم هر صورت ۾ 26 سپٽيمبر تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب، ڪميشن تڪبندي ڪميٽين جي ڪم جو جائزو ورتو. ترجمان ٻڌايو ته تڪبندي ڪميٽين کي پنهنجو ڪم هر صورت 26 سپٽيمبر تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ ڪميٽين کي 27 سپٽيمبر تي ابتدائي تڪبندين جي ڇپائي به يقيني بڻائڻ هدايت ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن جلد عام چونڊن لاءِ تڪبندين جو وقت گهٽائي ڇڏيو هو.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته وقت تي چونڊون ڪرائڻ چاهيون ٿا، هاڻي تڪبندين جي لسٽن ڇپائي 30 نومبر تي ٿيندي ۽ تڪبندين جو وقت گهٽائڻ جو مقصد جلد اليڪشن ممڪن بڻائڻ آهي.